اسرائيل خلاف انصاف جي عالمي عدالت ۾ درخواست داخل  

اسرائيل فورس پاران فلسطينن کي سوڙھو ڪرڻ ۽ مارڻ جي ڪوشش جاري آھي،اسرائيل گڏيل قومن جي قرارداد توڙي عالمي نندا جو ڪو بھ اثر قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي، ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا غزا  ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي جو الزام لڳائي انصاف جي عالمي عدالت جو در کڙڪايو آھي.قطري نشرياتي اداري الجزيره جي رپورٽ موجب ڏکڻ آفريڪا 29 ڊسمبر تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.درخواست ۾ ڏکڻ آفريڪا غزا  ۾ اسرائيل جي ڪاررواين کي نسل ڪشي قرار ڏنو آھي.

ڏکڻ آفريڪا چيو آھي ته اسرائيل جو مقصد فلسطيني قوم ۽ نسل کي تباهه ڪرڻ آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته غزا  ۾ اسرائيل جي ڪاررواين جو مقصد فلسطينين کي مارڻ، انهن تي جسماني ۽ ذهني تشدد ڪرڻ آهي.انساني حقن جون ڪيتريون ئي تنظيمون اڳ ۾ ئي چئي چڪيون آهن ته فلسطينين بابت اسرائيلي پاليسيون نسل پرستيءَ جي برابر آهن.ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان غزا  ۾ اسرائيلي بمباري سبب 21 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن.ھوڏانھن گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي وچولي غزا  ڏانھن اڳتي وڌڻ سان  اٽڪل ڏيڍ لک فلسطيني لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آھي تھ اسرائيلي ٽينڪ بورج ڪيمپ جي اڀرندي ڪناري تي پهچي چڪيون آھن.

اسرائيلي فوج تازو ئي برج، نصرت ۽ المغازي پناهگير ڪئمپن تي حملي جي تياري ڪري ورتي آھي. جتي هزارين فلسطيني آباد آهن، جڏهن ته غزا  جي اترين غزا مان پڻ شھرين کي نڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.صحت جي وزارت موجب غزا  ۾ خميس ڏينھن اسرائيلي بمباري ۾ درجنين ماڻهو مارجي ويا آهن.ٻئي پاسي مصر اعلان ڪيو آهي ته هن جنگ جي انت لاءِ ٽن مرحلن جي تجويز پيش ڪئي آهي.غزا  جي صحت واري وزارت موجب غزا  ۾ 11 هفتن کان هلندڙ ويڙهه هلندي 21 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن.گڏيل قومن خميس تي خبردار ڪيو آهي ته ان طرف ماڻهن لاءِ جاءِ نه آھي، ڇاڪاڻ جو انھن علائقي ۾اڳ ۾ ئي گنجائش کان وڌيڪ ماڻھن  پناهه ورتي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.