ڪراچي ۾ غوثيه جماعت پاران شاهه محمود قريشي جي گرفتاري خلاف احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ غوثيه جماعت پاران شاهه محمود قريشي جي گرفتاري ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو، غوثيه جماعت جي ماڻهن ڪراچي پريس ڪلب سامهون وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن اڳواڻن جو چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي سياستدان هجڻ سان گڏوگڏ برصغير جي وڏي جماعت جو سربراهه آهي، سندس تقدس جو خيال نه ڪيو ويو. هنن چيو ته شاهه محمود قريشي کي سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪا ناانصافي آهي. غوثيه جماعت مطالبو ڪيو ته  فل فور شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.