بيگناهن کي جيل واڙيندڙ جنرل ۽ جج قوم جا ڏوهاري آهن:سعد رفيق

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته بيگناهه ماڻهن کي جيلن ۾ وجهڻ وارا فوجي جنرل هجن يا عدليه جا جج قوم جا مجرم آهن، جن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي  بريڪ لڳائي اهي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ ڏوهاري رهندا، لاهور جي فيصل ٽائون ۾ مسلم ليگ (ن) جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سعد رفيق چيو ته اسان جو مقابلو هڪ طرف  28 مئي جي ماڻهن سان ته ٻئي پاسي 9 مئي وارا آهن،نوازشريف ايٽمي ڌماڪا ڪري ملڪ جو دفاع ناقابل تسخير بڻايو،ن ليگ قائد چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن اڪثريت ملي وئي ته به سمورين پارٽين کي چونداسين ته اچو گڏجي حڪومت ٺاهيون ٿا، ن ليگ ملڪ ۾ موٽروي ۽ روڊن جا ڄار وڇايا، پوڻن چئن سالن ۾ پاڪستان ۾ ڪو به ميگا پراجيڪٽ نه بڻيو، هن پ پ تي اڻ سڌي تنقيد ڪندي چيو ته لاهور ۾ اهي ليول پليئنگ فيلڊ گهرن  ٿا ۽ پنهنجي صوبي ۾ ڪنهن کي اونچي آواز ۾ ڳالهه ڪرڻ نٿا ڏين، اسان نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏيون ٿا، اسان پنجاب کي تبديل ڪيو آهي، اسان جي پارٽي بلڪل نٿي چاهي ته بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان نه هجي، هن چيو ته هڪ ٻي پارٽي وارا ڪهڙيون دعوائون ڪري سگهن ٿا جيڪو 15 سالن ۾ ڪراچي کي ڏنو، اهي ملڪ کي منتقل ڪري سگهن ٿا، هنن ڪراچي کي کنڊر بڻائي ڇڏيو ۽ پوءِ ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪن ٿا. جنرلن ۽ ججن جي ملي ڀڳت سان اهي ئي آهن جن 2013ع ۾ عوام جو ووٽ لٽيو ۽ وزيراعظم هائوس پي ٽي وي تي حملو ڪيو.خواجا سعد رفيق چيو ته شهباز شريف جڏهن اسپتالن جو نيٽ ورڪ وڇائي ٿو، توهان لنگر خاني ۽ ڪڪڙ جي ڳالهه ڪريو ٿا، هاڻي ڪارڪردگي جي ڳالهه ٿيندي، الزام نه پر حقيقتن تي ٻڌل هوندي، خيبرپختونخواهه ۾ 9 سالن تائين ڪهڙي ٻارن جي اسپتال يا ڪارڊيالوجي انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو؟ هن چيو ته اليڪشن ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي نه پر آبادين ۾ وڙهي ويندي، سوشل ميڊيا تي ادارن تي حملا ڪري انهن کي غدار ۽ ڀارتي ايجنٽ سڏين ٿا،ڪنهن حڪيم مشورو ڏنو ته  ڪي پي ڪي،پنجاب جون اسيمبليون يا قومي اسيمبلي ٽوڙيو؟، ڪنهن تجويز ڏني ته فوج پاڪستان تي 9 مئي تي حملا ڪريو. سندس ٻرندڙ انتقام کيس ڳچي ۾ پيو، حسد جو ڪو علاج ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.