نواز،مريم کي اسپيس منهنجي باجوا،فيض سان ملاقاتن سبب مليو: محمد زبير

اسلام آباد(م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته مان هاڻي نوازشريف ۽ مريم نواز جو ترجمان ناهيان،مان  مريم نواز جي ويجهو هئس، ميڊيا سيل ۾ منهنجو اهم ڪردار هو ،منهنجو خيال آهي ته مان ن ليگ  ۾ آهيان جهڙي طرح شاهد خاقان عباسي آهي ائين ئي آهيان، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته 2013ع کان 2018ع تائين پارٽي کي گهڻو سپورٽ ڪيو،مان ن ليگ ۾ ڪنهن فيصلا سازي ۾ شامل ناهيان، پارٽي قيادت سان ويڇا ڇو پيدا ٿيا اهو سلسلو ڊگهو آهي، نوازشريف لاءِ فوجي قيادت سان ملاقاتن جو معاملو سنجيده آهي، مان 7 ڪلاڪن تائين قيادت لاءِ ملاقاتون ڪيون،مان پارٽي لاءِ گهڻو مخلص هئس، مان نوازشريف کي انصاف ڏيارڻ پئي چاهيو، مريم نواز کي ڇو بليڪ آئوٽ ڪيو ويو؟ ان ملاقات کانپوءِ ميڊيا تي مريم نواز جون خبرون هلڻ شروع ٿي ويون، مان پارٽي جي ڊسپلين تحت هلي رهيو هئس، باجوا ن ليگ قيادت کي ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو هو، ن ليگ جي ميڊيا سيل ۾ فوج مخالف بيانيو نه پئي ٺهيو، اهي غلط فهميون پيدا ڪيو ويو، اسان جو هڪ بيانيو هو ووٽ کي عزت ڏيو، اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان اقتدار ۾ اچي ڊڪٽيشن ناهي وٺڻي، پارٽي قيادت جي مرضي سان جنرل باجوا سان ملاقاتون ڪيون،جنرل باجوا سان پنهنجي لاءِ نه نوازشريف ۽ مريم نواز کي انصاف لاءِ ملاقاتون ڪيون، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي صاف سٿري طريقي سان ڪڍيو ويو، هن چيو ته اسحاق ڊار جو آءِ ايم ايف سان لهجو خراب هو، پاڪستان وٽ ڪا به اميد نه هئي، دوست ملڪن به آءِ ايم ايف پروگرام کانسواءِ مدد کان انڪار ڪيو، آرمي چيف جي اڳواڻي ۾ نگران حڪومت ۾ ڪجهه استحڪام اچي ويو آهي، ڊالر جو اگهه ڪريو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي آهي، اهو ڏنڊو نه گڊ گورننس آهي، ڊار جي ڪري 9مهينن ۾ معيشت جي حالت خراب رهي، جيئن پي ٽي آءِ کي عثمان بوزدار نقصان پهچايو تيئن اسحاق ڊار ن ليگ جي ساک خراب ڪئي،مون پارٽي کي 40 سال ڏنا آهن،چونڊون ئي تڪراري ٿي رهيون آهن، پاڪستان کي آئين ذريعي هلائڻ گهرجي، ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ به آئي آهي، موجوده نظام هلي نٿو سگهي، عمران خان جي مخالفت باوجود ايئن نه چاهيندس ته هن ڀيري به 2018ع جهڙو ماحول ٿئي، اختر مينگل،پي ٽي آءِ سميت ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، نوازشريف سان گڏ سليڪٽڊ جو ٽيگ نه هئڻ گهرجي، اسان کي سڌارن ڏانهن وڃڻ گهرجي، اهو ڪم آسان ناهي، 8 فيبروري کانپوءِ ايندڙ حڪومت لاءِ چئلينج هوندا، هوڏانهن سينئر صحافي جاويد چوڌري ليگي اڳواڻ محمد زبير سان ملاقات جو احوال هڪ ڪالم ۾ لکيو آهي  مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير دعويٰ ڪئي آهي ته مريم نواز ۽ نواز شريف کي جنرل باجوا ۽ جنرل فيض سان ملاقاتن کانپوءِ اسپيس مون جي ڪري مليو، جڏهن ته پي ڊي ايم جو قيام به منهنجين ملاقاتن جو نتيجو هو. هن چيو ته  2018ع ۾ پريس ڪانفرنس کانپوءِ عهدن جي آڇ ڪئي وئي پر مان نواز شريف جو ساٿ نه ڇڏيو.مون 7 سيپٽمبر 2020ع تي آرمي چيف سان ٻيهر ملاقات ڪئي ۽ ان ملاقات ۾ هن ڀيري جنرل فيض حميد به موجود هو، اها ملاقات به ڊگهي هئي ۽ ان ۾ ڪافي فيصلا ڪيا ويا، ڪالم نگار پڇيو ته ڇا عمران خان جي حڪومت جي خاتمي جو فيصلو به ان ملاقات ۾ ٿيو،هن چيو ته هو اها دعويٰ نه ٿا ڪن، پر ان کانپوءِ جا سڀ واقعا توهان ڏسي سگهو ٿا، ”منهنجي ملاقات 7 سيپٽمبر تي ٿي، 20 سيپٽمبر تي پي ڊي ايم ٺهي ۽ پوءِ عمران خان جي حڪومت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي وئي“.اسٽيبلشمينٽ توهان کان ٻيهر ناراض ڇو ٿي وئي؟“ واري سوال تي هن چيو ته  ”مريم نواز 23 سيپٽمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران چيو هو ته ”سياسي فيصلا جي ايڇ ڪيو بدران پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ پوءِ ميان صاحب 16 آڪٽوبر2020 تي گوجرانوالا ۾ تقرير ڪئي. جنهن ۾ هن جنرل باجوا جو نالو کڻي کيس سموري صورتحال جو زميوار قرار ڏنو هن چيو ته اها حقيقت آهي ته سيپٽمبر 2020 کان پوءِ منهنجا نوازشريف سان لاڳاپا خراب ٿي ويا، شهباز شريف مون کي اهو به چيو ته توهان اسان سان غلط بياني ڪئي آهي، منهنجو جواب هو ته ايتري ڊگهي ملاقاتن ۾ نوٽيس ناهي ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.