ڪراچي( رپورٽر ) موچڪو پوليس چيڪ پوسٽ تي مبينا ڪارروائي ڪندي هڪ ٽويوٽا ڪرولا ڪار مان 13 من سوپاري هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ترجمان ايس ايس پي ڪياماڙي موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائين دوران ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا. چيڪ پوسٽ تي حب چوڪي بلوچستان کان ايندڙ هڪ ڪار مان 520 ڪلوگرام اسمگل ٿيل سوپارين جون 40 ٻوريون هٿ ڪيون ويون. پوليس موجب سوپارين جي اسمگلنگ ۾ ملوث ڪار ڊرائيور حسيب نالي جوابدار کي قلم 54 تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير پاران ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل جمهوري نظام جو حسن آهي ۽ عوام جي نمائندگي ڪندي نوان چونڊيل عهديدار صحافت جو علم بلند رکندا. هن چيو ته مان نئين چونڊيل صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، نائب صدر رشيد ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف خان، خزانچي احتشام سعيد قريشي ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن شمس ڪيريو، شازيه حسن، نور محمد ڪلهوڙو، نواب قريشي، مونا صديقي، رانا جاويد، شعيب احمد سميت ڊيموڪريٽس پينل جي سمورن ميمبرن کي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ھن چيو تھ سندس اميد آھي ته نئون چونڊيل پينل صحافين جي بهتر خدمت ڪندو.