راولپنڊي ( م ڊ ) نئون سال پاڪستان لاءِ اندروني ۽ ٻاهرين لحاظ کان انتهائي اهم آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي جذبي کي ڪير به شڪست نٿو ڏئي سگهي. نئين سال جي حوالي سان آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج قومي سلامتي ۽ ترقي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪندي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي عوام سان پنهنجي غير متزلزل عزم تي فخر آهي، پاڪستان جون فوجون ۽ عوام هڪ آهن. آءِ ايس پي آر موجب باوقار ۽ قابل فخر هٿياربند فوج طرفان عوام کي نئين سال جون واڌايون پيش ڪن ٿيون. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي وڌيڪ چيو ته نئون سال پاڪستان لاءِ اندروني ۽ ٻاهرين طور تي وڏي اهميت رکي ٿو، هٿياربند فوجون مادر وطن جي خدمت لاءِ سرشار آهن، پاڪستان جي سرزمين تي بيشمار قدرتي نعمتون ۽ موقعا موجود آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايتن تي فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺا آهيون، اميد آهي ته نئون سال فلسطين ۽ ڪشميرين جي مسئلن ۾ گهٽتائي آڻيندو.