لاهور(م ڊ)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن ڪراچي ۾ ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جو هو لاهور ۾ اليڪشن وڙهڻ آيو آهي. لاهور جي فيصل ٽائون ۾ مسلم ليگ (ن) جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عطاءَ تارڙ چيو ته نواز شريف جي ڪري اسان جي پارٽي ڏکي دور مان نڪري آئي، هن چيو ته لاهور نواز شريف سان پيار ڪندو آهي، اهو (ن) ليگ جو قلعو آهي، لاهور ڏکئي وقت ۾ به نواز شريف کي ڪامياب ڪري اسيمبلين ۾ پهچايو.هن چيو ته اين اي 127 ۾ ڪا بيٽ ته نه آئي پر، بلاول ڀٽو آيو آهي، ڪراچي ۾ ڪهڙي کير ۽ ماکي جون نديون يا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جو لاهور مان چونڊ وڙهڻ آيو آهي،عطاءُ الله تارڙ بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪراچي ۾ ڪهڙو منصوبو ٺاهيو ويو جو لاهور آيو، ڪراچي جو امن نواز شريف قائم ڪيو، جڏهن ته لاهور ڪالهه ۽ اڄ به نواز شريف جو قلعو آهي..هن چيو ته 8 فيبروري تي نوازشريف جو قرض لاهڻو آهي جيڪو پنهنجي زال کي بستري تي ڇڏي ڌيءَ جو هٿ جهلي جيل هليو ويو
پي ٽي آءِ جي 90 سيڪڙو اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا:بئريسٽر گوهر
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر دعويٰڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي 90 سيڪڙو اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن، جنهن خلاف اسان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين،خانگي چينل ”جيو نيوز“ سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته سڄي ملڪ مان پي ٽي آءِ جا 380 نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، ڪجهه اميدوارن جا ڪاغذ ٽيڪنيڪل بنيادن تي رد ڪيا ويا.هن چيو ته صنم جاويد جي ڪاغذن تي اعتراض ڪندڙ کي خبر ناهي ته کيس اعتراض آهي يا نه؟بئريسٽر گوهر چيو ته هو نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف ٽربيونلز ۾ اپيلن سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ به ويندا.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي ته هو ريٽرننگ آفيسرن کي غير جانبدار رهڻ جو حڪم ڏئي، اميد آهي ته عدليه هر صورت ۾ معاملي ۾ مداخلت ڪندي،اسان هر حال ۾ چونڊن ۾ حصو وٺنداسين.