نئين سال جي آمد تي قوم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا: احمد شاهه

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير محمد احمد شاهه نئين سال 2024ع جي شروعات تي مبارڪباد چيو آهي ته نگران حڪومت نئين سال جي آمد تي قوم نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نگران وزير احمد  شاهه چيو ته  پوري قوم دعا  ڪري ٿي ته 2024ع نه رڳو ملڪ جي عوام لاءِ پر پوري دنيا جي عوام لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻي. پاڪستاني قوم غزا ۾ فلسطينين ۽ ڄمون ڪشمير ۾سندن ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. سڄي دنيا جا ماڻهو نئين سال 2024 کي امن، انصاف، برابري ۽ گڏيل بقاءَ جي سال طور ڏسڻ چاهين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.