ڪراچي ۾ سال 2023ع دوران ڦر مزاحمت تي 135 ماڻهو مارجي ويا، 1150 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) سال 2023 ۾ شهر قائد ۾ ڦورن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جي ڦر لٽ ۽ چوري جي وارداتن دوران مزاحمت تي 135 ڄڻا مارجي ويا ۽ 1150 کان وڌيڪ شهري کي زخمي ڪيو. مليل ڄاڻ موجب  ڦورن جي  فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ واپاري، دڪاندار، شاگرد، مذهبي اسڪالر، سرڪاري عملدار، پوليس اهلڪار، مزدور ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شهري شامل هئا. انگن اکرن موجب سال 2022ع ۾ ڦر جي واقعن دوران مزاحمت تي هٿياربند ڦورن جي فائرنگ ۾ 118 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2022ع جي مقابلي ۾ 2023ع ۾ ڦر جي واقعن دوران شهرين کي مارڻ جي واقعن ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جنوري 2023 جي پهرئين مهيني ۾ ڦر جي واقعن دوران مزاحمت سبب 15 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، فيبروري ۾ مارجي ويل شهرين جو انگ 11 ٿي ويو، مارچ ۾ هٿياربند ڌاڙن مزاحمت جي نتيجي ۾ 10 بيگناهه شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اپريل ۾ 12 شهري بي رحم ڦورن هٿان زندگيون وڃائي ويٺا. ان کانسواءِ مئي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 15 ڄڻا مارجي ويا، جون ۾ 10 ڄڻا ڦورن جي فائرنگ ۾   مارجي ويا، جولاءِ ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب 11 شهري حياتيون وڃائي ويٺا. آگسٽ ۾ هٿياربندن 8 شهرين کان سندن جيئڻ جو حق کسي ورتو. سيپٽمبر ۾، 14 شهرين کي هٿياربند ڦرلٽ بعد قتل ڪيو. آڪٽوبر ۾ به ڦورن جي فائرنگ سبب 10 ڄڻا پنهنجن پيارن کان جدا ٿيا. نومبر جي مهيني ۾ 11 شهري ڦر دوران مارجي ويا. ڊسمبر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب 8 شهري حياتيون وڃائي ويٺا. سال 2023 ۾ اوڀر ضلعي ۾ هٿياربندنن هٿان 35 شهري قتل ڪيا ويا، سينٽرل ضلعي ۾ هٿياربندن هٿان 26 شهري مارجي ويا، اولهه ضلعي ۾ ڦر دوران 23 ڄڻا مارجي ويا. ڪورنگي ضلعي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 18 ڄڻا مارجي ويا، ملير ضلعي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا، ڪيماري ضلعي ۾ 14 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ ضلعي ۾ ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ 2 شهري مارجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.