ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سال2023ع دوران 3758 پوليس مقابلن ۾ سنڌ پوليس جا 21 جوان شهيد ٿيا. آءِ جي سنڌ رفعت مختيارڪار پاران سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي حوالي سان ڌاڙن، ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف موثر ۽ مربوط ڪارروائي ڪئي وئي. سال 29 ڊسمبر تائين سنڌ پوليس جا 21 جوان شهيد ٿيا. رپورٽ موجب سنڌ جي مختلف پوليس رينجز ۾ 3158 پوليس مقابلن دوران 1726 ڏوهاري ٽولن کي ختم ڪيو ويو، پوليس جي موثر حڪمت عملي، جوابدهي ۽ ڏوهن خلاف بروقت قدمن جي نتيجي ۾ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي پوليس رينج جي مختلف ضلعن ۽ هنڌن تي پوليس ۽ ڏوهاري عنصرن وچ ۾ پوليس مقابلن ۽ ڇاپن دوران 19 هزار 803 ڌاڙيل/ جوابدار، 93 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ 08 ٽارگيٽ ڪلرز، 28 نوٽيفائيڊ ڦورو ، 26 هاءِ وي تي ڦر، 38 اغوا ڪندڙن سميت 26914 مفرور جڏهن ته 16135 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس مقابلن دوران 278 ڊڪيت ، ڏوھاري، 03 دهشتگرد، 04 اطلاع تي ڌاڙا، 03 هاءِ وي ڊڪيت ۽ 01 اغوا ڪندڙ پوليس مقابلن ۾ مارجي ويا. رپورٽ موجب ڪراچي پوليس رينج جي مختلف ضلعن ۾ 1080 پوليس مقابلن دوران 10449 جوابدار، 01 دهشتگرد، 01 ٽارگيٽ ڪلر، 01 اطلاعي ڌاڙا، 20 هاءِ وي ڦرلٽ، 23 اغوا ۽ 1515 اشتهاري ۽ 9090 مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. سڄي ملڪ مان 1005 ڏوهاري ٽولن جو خاتمو ڪيو ويو. حيدرآباد پوليس رينج جي مختلف ضلعن ۾ 330 پوليس مقابلن ۾ 5502 اغوا ۽ 2058 اشتهاري ۽ 4239 مفرور جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته سڄي شهر مان 253 ڏوهاري ٽولن جو خاتمو ڪيو ويو. ميرپورخاص رينج جي مختلف ضلعن ۾ 01 پوليس مقابلن ۽ ڇاپا مار ڪاررواين دوران 1269 جوابدارن ۽ 192 اشتهاري ۽ 783 مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن مان 36 ڏوهاري ٽولن جو خاتمو ڪيو ويو. شهيد بينظير آباد جي مختلف ضلعن ۾ 231 پوليس مقابلن، ڇاپا مار ڪارروائين دوران 508 جوابدارن، 01 اطلاع تي ڦرلٽ، 03 هاءِ وي تي ڦر ۽ 698 اشتهاري ۽ 2674 مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن مان 37 ڏوهاري ٽولن کي ختم ڪيو ويو. سکر پوليس رينج جي مختلف ضلعن ۾ 632 پوليس مقابلا، 987 ڦورو ڏوھاري، 23 نوٽيفائيڊ ، 4 اغوا ڪار ، 1962 اشتهاري ۽ 3273 مفرور جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جڏھن ته شھر جي مختلف علائقن مان 253 ڏوھاري گروھ گرفتار ڪيا ويا. لاڙڪاڻي پوليس رينج جي مختلف ضلعن ۾ ڪارروايون ڪري 879 پوليس مقابلا، 921 ڦورو / جوابدار، 23 نوٽيفائيڊ ٿيل ڦورو ، 04 اغوا ڪار 9710 اشتهاري ۽ 6855 مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سڄي شهر مان 142 ڏوهاري ٽولن جو خاتمو ڪيو ويو. رپورٽ موجب سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ پاران صوبائي سطح تي ڏوهن خلاف ڪارروايون ڪندي 05 پوليس مقابلن ۾ 167 ڦورو ، 87 دهشتگرد، 07 ٽارگيٽ ڪلرز گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته 02 دهشتگرد مارجي ويا.
پوليس رپورٽ موجب سنڌ ۾ پوليس مقابلن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ 129 ڦورو / ڏوهاري مارجي ويا، 01 دهشتگرد، 03 هاءِ وي تي ڦورو ، حيدرآباد ۾ 17 ڦورو ۽ ڏوھاري شهيد بينظير آباد ۾ 09 ڦورو / ڏوهاري مارجي ويا. سکر ۾ 83 ڦورو ، 01 هڪ سڃاتل ڏوهاري ، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 40 ڏوهاري ۽ ڏوهن جا 03 نوٽيفائيڊ ڏوهاري مارجي ويا رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ پوليس جي سمورن رينجز مزڪوره ۾ ڪارروائي ڪري جوابدارن جي قبضي مان ڪل 6.569 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو، 04 راڪيٽ، 124 دستي بم، 93211 گوليون هٿ ڪيون ويون. 186 رائفلز، 554 شاٽ گن/ ريپيٽرز، 202 ايس ايم جيز/ ڪلاشنڪوف، 03 ايم پي 5، 11 جي 3 رائفلز، 02 ايل ايم جيز ۽ 01 اينٽي ايئرڪرافٽ گنز هٿ ڪيون ويون. پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال 29 ڊسمبر تائين سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور جي سلم علائقن ۾ڏوهارين خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون ڪري 188 پوليس مقابلن ۾ 364 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 136 ڌاڙيلن به شامل آهن. انهن گرفتارين جي نتيجي ۾ ڏوهارين جا 52 ٽولا ختم ٿي ويا جڏهن ته پوليس مقابلن دوران 40 ڦورو مارجي ويا. رپورٽ موجب ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران 1883 جوابدارن ۽ 1549 مفرور جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي 363 ڏينهن ۾ سنڌ پوليس 1737 ڪيسن ۾ 2087 جوابدارن کي گرفتار ڪري 21265 ڪلو چرس 3727.427 ڪلو گٽڪو/ مين پوڙي، 528377 ليٽر ايراني ڊيزل، 3988 ليٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪيو.3388. 829ڪلوگرام منشيات، 3948 ٻيون شيون، 305 گاڏيون، ڀاڻ جا 19900 ٻوريون ۽ کنڊ جا 1600 ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن ، جيڪي بعد ۾ ڪسٽم ۽ ٻين ادارن حوالي ڪيون ويون. رپورٽ موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اينٽي نارڪوٽڪس آپريشن دوران 11038 پوليس ڪارروايون ڪري 12870 ايف آءِ آرز تحت 15609 منشيات فروش گرفتار ڪري 10620 ليٽر پرڏيهي ۽ 368587 ليٽر ملڪي شراب، 131.072 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪئي وئي. انهن جي قبضي مان 14142.9 ڪلو چرس، 10822.5 ڪلو ڀنگ، 152.214 ڪلو هيروئن ۽ 91.316 ڪلو آئيس هٿ ڪئي وئي. ان کان علاوه هن سال جي 363 ڏينهن ۾ سنڌ پوليس صوبائي سطح تي گٽڪا، مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 10925 ايف آءِ آرز داخل ڪري 13952 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 2224647 ڪلو گرام گٽڪو هٿ ڪيو ويو. پوليس ڪارروائي جي نتيجي ۾ گٽڪا، ماوا ٺاهڻ جون 297 فيڪٽريون/ ڪارخانا ختم ڪيا ويا.