ڊيرا اسماعيل خان ۾ مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي فائرنگ

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ فائرنگ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي ڊي آءِ خان ۾ يارڪ انٽر چينج تي فائرنگ ڪئي وئي.
شروعاتي ڄاڻ موجب مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي ٻنهي پاسن کان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ جي يو آءِ سربراهه سميت ساڻس گڏ موجود سمورا ماڻهو محفوظ رهيا.
مولانا فضل الرحمان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڊيرا اسماعيل خان مان گذري رهيو هو، واقعي کانپوءِ هو پنهنجي اباڻي گهر عبدالخيل پهتو.
جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري موجب مولانا فضل الرحمان جي قافلي ڀرسان فائرنگ بزدلاڻي ڪارروائي آهي، هر هر چئي چڪا آهيون ته اسان جي قيادت لاءِ حالتون سازگار ناهن.
هن چيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، ادارا پنهنجي ذميواري ڇو پوري نه پيا ڪن، امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.