”مان چاهيو ته رضوان ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان بڻجي پر غلطي سان شاهين بڻجي ويو“

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي مزاحيا انداز ۾ محمد رضوان کي قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
آسٽريليا ۾ هڪ تقريب دوران شاهد آفريدي محمد رضوان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته محمد رضوان پنهنجي راند تي هر وقت فوڪس ڪندو آهي، ڪير ڇا ڪري رهيو آهي؟ محمد رضوان جو ڪنهن سان ڪم ناهي.
هن چيو ته محمد رضوان جو پنهنجي راند تي ڌيان مون کي تمام گهڻو پسند آهي.
ان موقعي تي شاهد آفريدي مزاحيا انداز ۾ چيو ته مان چاهيو ته رضوان ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان بڻجي پر غلطي ۾ شاهين ڪپتان بڻجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.