ايشين شوٽنگ جي سالياني رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، ٽاپ ٽين جي فهرست ۾ پاڪستاني برانز ميڊلسٽ ڪشماله طلعت ۽ جي بشير جا نالا به شامل آهن.
پاڪستاني عورت شوٽر ڪشماله طلعت 10 ميٽر ايئر پسٽل ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته عورتن جي 25 ميٽر ايئر پسٽل ۾ هوءَ 15هين پوزيشن حاصل ڪري سگهي.
ڪشماله طلعت هن سال ايشين گيمز ۾ 10 ميٽر ايئر پسٽل ۾ برانز ميڊل کٽيو هو ۽ ڪنهن به ڪيٽيگري ۾ پاڪستان جي بهترين شوٽر جو اعزاز حاصل ڪيو هو.
مردن جي 25 ميٽر ريپڊ فائر پسٽل ڪيٽيگري ۾ جي ايم بشير اٺين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
مردن جي اسڪيٽ ۾ عثمان چند جو 10هون، جڏهن ته ميٽر ايئر پسٽل ڪيٽيگري ۾ پاڪستاني شوٽر گلفام جو 14هون نمبر رهيو.
Prev Post
You might also like