هر وقت هٿ ۽ پير ٿڌا ڇو رهندا آهن؟

هونئن ته موسم ٿڌي هجڻ سان سبب هٿ ۽ پير ٿڌا رهڻ غيرمعولي ڳالهه ناهي، پر ڇا هر وقت اوهان سان ائين ٿيندو آهي؟

جيڪڏهن ها ته اوهان اڪيلا ناهيون.

هونئن ته گھڻو ڪري اها فڪر ڪرڻ جوڳي ڳالهه ناهي هوندي پر هر وقت هٿ پير ٿڌا رهڻ ڪنهن طبي مسئلي ڏانهن اشارو به ٿي سگھي ٿو.

ان سان گڏوگڏ ٻيون علامتون جهڙوڪ آڱرين جو رت يا سائيز تبديل ٿي وڃي ته اها ڪنهن وڏي طبي مسئلي جي نشاني ٿي سگھي ٿي.

ماهرن موجب اسان جا هٿ ۽ پير دل کان گھڻو پري آهن ۽ انهن جون شريانيون به گھڻيون ننڍيون هونديون آهن، جنهن جي ڪري انهن تائين رت گهٽ پهچندي آهي، جنهن جي ڪري آڱرين جو ٿڌو ٿيڻ غير معمولي ناهي هوندو.

پر ڪيترائي ڀيرا مختلف مرضن جي ڪري هٿ ۽ پير ٿڌا رهندا آهن، جن جا تفصيل هيٺ بيان ڪجن ٿا.

رت جي کوٽ

رت جي کوٽ جي مسئلي کي گھڻو ڪري جسم ۾ آئرن جو مقدار گھٽ هجڻ سبب منهن ڏئي سگھجي ٿو.

آئرن جي کوٽ سبب رت جي ڳاڙهن جزن جا فعل متاثر ٿيندا آهن ۽ جسم جي مختلف حصن کي آڪسيجن جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو رت جي کوٽ جو شڪار ماڻهن جا هٿ ۽ پير ٿڌا رهندا آهن.

شريانين جا مرض

شريانين جي مرضن سبب شريانيون سسي وينديون آهن جنهن جي ڪري هٿن ۽ پيرن کي رت گھٽ پهچندي آهي.

شگر

شگر جي ڪري رت جو وهڪرو متاثر ٿيندو آهي جنهن سان به هٿ ۽ پير ٿڌا ٿي ويندا آهن.

شگر سان دل جي مرضن جو خطرو به وڌي ويندو آهي جنهن جي ڪري شريانيون سسي وينديون آهن.

ان سان گڏوگڏ بلڊ شگر جي سطح وڌڻ سان هٿن ۽ پيرن ۾ سيون چڀڻ جو احساس به ٿيندو آهي جنهن سان به هٿن ۽ پيرن جي گرمائش متاثر ٿيندي آهي.

ٿائرائڊ مرض

تائرائڊ مرض جي هڪ علامت هر وقت هٿ ۽ پير ٿڌا رهڻ آهي.

وٽامن بي 12 جي کوٽ

وٽامن بي 12 جي کوت سان اعصابي مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي جنهن جي ڪري هٿ پير ٿڌا رهڻ جو تجربو ٿيندو آهي.

جيڪڏهن اوهان جا هٿ ۽ پير هر وقت ٿڌا رهندا آهن ته اها وٽامن بي 12 جي کوٽ سان گڏوگڏ ڪنهن ٻي بيماري جو نتيجو به ٿي سگھي ٿو، تنهنڪري اهڙي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

نوٽ:هي مضمون طبي رسالن تي ٻڌل آهي،ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.