ملڪ ۾ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن جون تياريون زور شور سان جاري آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اليڪشن ڪميشن طرفان پڌري ڪيل چونڊن جي شيڊول بعد قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي مقرر وقت تي چونڊن مان وڌ ۾ وڌ نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ٽن وڏين جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي ، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن کان سواءِ صوبن ۾ مقبول جماعتن ۾ خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ جميعت علماء اسلام، عوامي نيشنل پارٽي، نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل موومينٽ ۽ سنڌ ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم چونڊن ۾ پنهنجي اميدوارن جي وڌ ۾ وڌ ڪاميابي لاءِ جوڙ ٽوڙ ڪرڻ ۽ اتحاد ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊ مرحلن جي آخري حصي ۾ چونڊون وڙهندڙ اميدوارن جي فهرست جاري ڪئي ويندي ۽ انهن کي چونڊ نشان يا عام چونڊون وڙهندڙ جماعتن طرفان پنهنجا ٽڪيٽ ملڻ جي صورت ۾ انهن کي تير، شينهن،بيٽ، گل، سيٽي، ساهمي، ڪتاب، سائيڪل ، گهوڙو، تالو، بلب، ٽريڪٽر، ڪرين، بيلچو ، بس، جيپ يا ٻيا جماعتن جا چونڊ نشان يا آزاد اميداوارن کي سندن پسند مان نشان الاٽ ڪيا ويندا جنهن بعد ملڪ ۾ اصل چونڊ ملاکڙا۽ دنگل ۽ ڌرين جا جلسا، جلوس ۽ عوامي رابطا مهم شروع ٿينديون. جنهن جي ووٽنگ واري ڏينهن پڄاڻي ٿيڻ بعد ملڪ جي اصل سياسي وايو منڊل جي خبر پوندي ته آخر ملڪ ۾ ڪنهن جي حڪومت ٺهڻ وڃي رهي آهي.
ملڪ ۾ حڪومتي ۽ رياستي ادارن ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪو معاملو بحث هيٺ آهي اهو عام چونڊن جي نتيجن کان وڌيڪ ملڪ کي هلائڻ ۽ چونڊون کٽڻ جي صورت ۾ اقتدار حاصل ڪندڙ جماعت يا جماعتن جي اتحاد جي سوچ ، انهن جي منشور ۽ ملڪ هلائڻ ۽ حڪمراني جي تجربي ۽ انهن جي مفاهمت واري سوچ يا تڪراري سوچ ۽ انتشار وارو ماحول جي پيدا ٿيڻ وارا معاملا اهم سوال طور ڏٺا پيا وڃن ۽ اها عام طور تي عوام جي پڻ راءِ آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ هڪ مضبوط ۽ تعميري ۽ فلاحي سوچ ۽ منشور واري حڪومت وجود ۾ اچي جيڪا ملڪ جي ۽ عوام کي لاڳو معاشي گهوٽالن، مهانگائي، بيروزگاري ۽ انتشار ۽ هنگامن واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍي سگهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو ظاهري طور تي مسلم ليگ ن جنهن پنهنجي هڪ 5 سالن واري حڪمراني جو مدو پورو ڪرڻ بعد وري ساڳي جماعت جي ننڍي شينهن واري16 مهينن جي حڪومت پڻ جيڪي ڪجهه ملڪ ۾ ٻوٽا ٻاريا ان جي نتيجي ۾ ملڪ هن وقت رڪارڊ قرضن ۽ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪوآهي ۽ ان وچ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي خاص سهولتڪارن جي زور تي پوڻا 4 سالن تائين حڪومت ڪندڙ ٽائيگرن واري جماعت جا ڪارناما پڻ ملڪ کي گهرو ويڙهه واري پاسي ڌڪي آيا آهن ۽ اڃا تائين ملڪ انهن زخمن جي سور ۽ عمارتن کي لڳايل باهين مان اٿندڙ دونهن جي اثرن ۾ وڪوڙيل آهي.
ملڪ ۾ 8فيبروري واري هڪ ئي ڏينهن تي قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبن جي صوبائي اسيمبلين جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿيندي ۽ ان ئي ڏينهن ووٽرن لاءِ پنهنجي پسند جي جماعت ۽ اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ ووٽ وجهڻ وارو مقرر وقت مڪمل ٿيڻ تي ووٽن جي ڳڻپ پڻ ڪئي ويندي ۽ هڪ ڪلاڪ بعد چونڊن جي عمل ۽ عوام جي ڪيل فيصلن جا نتيجا منظر عام تي اچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙي ريت، 8 فيبروري جي رات 12 وڳي تائين ملڪ جو نئون سياسي وايو منڊل ۽ کٽيندڙ ۽ سرسي حاصل ڪندڙ ڌرين جي صورتحال گهڻي ڀاڱي واضح ٿي ويندي ۽ وڌ ۾ وڌ 9 فيبروري 2024 جي فجر جي وقت تائين اهو واضح طور تي معلوم ٿي ويندو ته ملڪ ۾ نروار ٿيل نئين صبح سان گڏ ڪهڙي جماعت يا ڌر جي حڪومت جو سج اڀريو آهي. يقينن چونڊن جي نتيجن جي ظاهر ٿيڻ بعد سمورن سوالن جا جواب اسان جي سامهون اچي ويندا پر امڪاني چونڊ نتيجن بابت هن وقت جيڪي اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن يا چونڊن ۾ ڌرين جي پوزيشن ۽ تيارين جو جائزو وٺي جيڪي نتيجا ڪڍيا پياوڃن اهي پڻ تمام گهڻو دلچسپ معلوم ٿي رهيا آهن.
ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ تيارين ۽ عوام، ٽي وي چينلن، اخبارن جي صفحن ۽ سوشل ميڊيا جي آزاد دنيا ۾ جيڪي سرگرم منظرناما اڀري رهيا آهن جيڪڏهن انهن جو جائزو وٺجي ته هن وقت تائين جي صورتحال ۽ ايندڙ ڏينهن واري صورتحال جو ڪنهن حد تائين حساب ڪتاب يا اندازوضرور لڳائي سگهجي ٿو. ملڪ ۾ جاري عام چونڊن واري ماحول ۾ مختلف ڌرين جي عوامي رابطا مهم يا جلسن جو جائزو وٺجي ته، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ عوامي رابطا مهم ۽ جلسن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پهرين نمبر تي نظر اچي رهي آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي تي وڏو جلسو ڪري پنهنجي چونڊ مهم جي عملي طور تي شروعات ڪرڻ جو اعلان ته ضرور ڪيو ويو آهي پر ان کان اڳ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪوئيٽا جي فٽبال گرائونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو 56هين يوم تاسيس تي ڪيل تمام وڏي جلسي ۽ ان کان اڳ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي جي 15 ورڪرز ڪنوينشنز کي ڏسجي ته اهي پڻ ڀرپور جلسا ڪيا ويا ۽ ان بعد پنجاب جي شهر گجرات ۾ ڪيل تمام وڏي ورڪر اجلاس يا جلسي عام بعد معلوم ٿي رهيو آهي ته، ايندڙ ڏينهن ۾ پنجاب ۾ ئي مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وچ ۾ وڏا مقابلا هڪ ڀيرو وري ٿيڻ وڃي رهيا آهن، ته ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف اڃا تائين پنهنجن ڪيسن ۽ پنهنجي ڪپتان کي جيل مان آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري وڏي چونڊ خساري جو شڪار آهي ۽ هنن ملڪ گير عوامي رابطا مهم ۾ پي ٽي آءِ جو ڪوبه اهڙو اڳواڻ قيادت ڪرڻ لاءِ موجود نظر نه ٿو اچي جنهن جي جلسن ۾ عوام جي ڪا خاص دلچسپي نظر اچي سگهي، جڏهن ته انهي جماعت مان نڪتل جهانگير ترين گروپ ۽ خيبرپختونخواه ۾ پرويز خٽڪ گروپ طرفان پڻ انهن جي نئين جماعن طرفان پڻ سٺا چونڊ دنگل ڏسڻ ۾ اچڻ جا امڪان آهن.
مسلم ليگ نواز جي عوامي رابطا مهم جو جيستائين تعلق آهي ته هن جماعت جي سربراهه ميان نواز شريف وڏي شينهن جي ملڪ واپس اچڻ تي لاهور جي مينار پاڪستان تي ڪيل وڏي جلسي بعد ڪوئيٽا جو دورو ڪري ڪجهه خاص شخصيتن کي مسلم ليگ ۾ ضرور شامل ڪري ملڪ جي سياسي ماحول ۾ سرگرمي ضرور پيدا ڪئي وئي ۽ مريم نواز شريف طرفان پنجاب جي ڪجهه شهرن ۾ جلسا ڪرڻ بعد ماٺار ڇانيل آهي، جڏهن ته سندس مخالف جماعتن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کان سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جهڙي ريت وڏي پيماني تي اضافو ٿي ويو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جهڙي ريت سموري ملڪ ۾ ميان نواز شريف ۽ سندس جماعت جي خراب ڪارڪردگي ۽ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو واري پراڻي سياست تي حملا ڪيا پيا وڃن ۽ ڇوهه ڇنڊيا پيا وڃن ۽
پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغيانه ، نفرت ۽ جمهوري سرشتي خلاف کڏون کوٽن واري عمل ۾ هٿيار ۽ مهرو بڻجڻ واري سياست تي تنقيد ۽ مخالفت ڪئي پئي وڃي . انهيءَ بابت سموري ملڪ ۾ چئوٻول آهي ۽ ميڊيا جي ادارن ۾ بلاول ڀٽو جي انهن تقريرن ۽ پنهنجن جلسن ۾ عوامي مسئلن تي پنهنجي بيان ۽ انهن جي حل لاءِ پيش ڪيل چونڊ نقطن بابت پڻ عوام ۾ وڌندڙ دلچسپي ۽ مقبوليت سان امڪاني طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملڪ ۾ 2018ع وارين چونڊن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ٿيڻ جا آثار ۽ امڪان نظر اچي رهيا آهن پر ان جي نتيجي ۾ هن جماعت کي قومي اسيمبلي ۾ 172 سيٽون ملي سگهنديون ته هو سادي اڪثريت سان پنهنجي حڪومت ٺاهي سگهي ٿي يا هڪ ڀيرو وري وفاق ۽ صوبن م اتحادي حڪومتون قائم ٿينديون، بهرحال جيڪي ڪجهه به ٿيڻو آهي انهي لاءِ وقت تيزي سان ويڙهجي رهيو آهي ۽ جلد ئي اسين اهي نتيجا ڏسي سگهنداسين .