۽ جڏهن محرابپور شھر مان ھڪ ڏيئي پنھنجي روشنيءَ جا ڪرڻا ڪڍڻ شروع ڪيا

نھال عباسي

جيڪا لاٽ، حسيني چوڪ تي ھڪ عظيم پيءُ  جي ننڍڙي نياڻي حميده گھانگھرو پنھنجي اسڪول کان ٻاري (ان وقت حميده گھانگھرو 8ڪلاس ۾ پڙھندي ھئي) ۽ پنهنجي والد سان گڏ شھر محرابپور جي شاگردن کي گڏ ڪري گھرَ ڪئي وئي ته اسان کي نياڻين جو ڪاليج گهرجي ته کيس ۽ سندس ڀيڻ زبيده گھانگھرو کي گرفتار ڪري نارا جيل جي ياترا ڪرائي وئي. ياد رھڻ گھرجي ته ان وقت اختر بلوچ کان پوءِ هي ٻه نياڻيون پاڪستان جون پھريون سياسي قيدياڻيون ( ننڍي عمر جون به) ھيون. سندن والد ڪامريڊ محمد ھاشم گھانگھرو ھڪ وڏو آدرشي، خوابن جو ڌڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد جو اھم قلعو به ھيو جنھن بٽئي الاٽي تحريڪ جا بنياد به قائم ڪيا ھيا، اھڙي انسان جي تربيت ماڻيندڙ نياڻين کي نارا جيل جي ياترا ڪرڻي پئي.

وري اڳتي هلي جڏهن حميده گهانگهرو جي شادي ڪامريڊ نذير عباسي سان ٿي ته ڪجهه ڏينهن اندر وري کيس پٽ فيڊر جي مورچي جي تياري ڪرڻي پئي. اھو1978 جو سال ھو. ان وقت بلوچستان جي پٽ فيڊر ۾ سردارن جي چوڻ تي هارين جو  قتل عام ٿيو ھو. ان خلاف حميده گھانگھرو ۽ آصفه رضوي پٽ فيڊر ۾ بک ھڙتال شروع ڪئي ته ان بک ھڙتال مان گرفتار ڪيو ويو ۽ کين پوءِ مچ جيل جي صعوبتون ڀوڳڻيون پيون.

ان فصل جو لاڀ ڪيتري عرصي کان پوءِ   ماھه رنگ جي شمع واري روپ ۾ نظر آيو آهي.ماهه رنگ بلوچ،  بلوچستان جي پھاڙي پٿر وانگر  نڪري اسلام آبادي حڪمرانن کي ڌوڏي ٿي ڇڏي ۽ دنيا کي چٽو ڪري ٻڌائي ٿو ته اسان کي رڳو پيرن جو پٿر نه سمجھو اسين ھيري جون کاڻون آھيون  اسان پنجھتر سالن کان ظلم سٺا آھن، اسان کي ھيري مان پٿر ٿيڻ تي اوھان مجبور ڪيو. اسان جو ڏوھ ٻڌايو ڪھڙو ڪيو آھي جو اسان جا ماڻھو کڻي گم ٿا ڪيا وڃن اھا جنگ ھڪ ڏينھن جي ناھي ھي جنگ بلوچن جي نسل ڪشي خلاف آھي جيڪا اسلام آباد کان ٿيندي دنيا جي ميڊيا جو محور بڻجي چڪي آھي سخت سرديون به ھن جي باھ کي ھن مهل تائين نه وسائي سگھيون آھن۽ نه ئي ھنن کان وسامي سگھندي.

ھاڻي حڪمران به پريشان آھن ته 75 سالن جو حساب ڪير ڏئي، ڪيئن ڏئي سو اھو سوال وڏو وزنائتو آھي ته آخر ٿيندو ڇا. بلوچن جي نياڻين جا جائز مطالبا مڃيا ويندا يا  حڪمران ھنن نياڻين کي ٿڪائڻ چاھين ٿا. في الحال ته اھا ٿڪجندي نظر نٿي اچي. ستر سالن جي مزاحمت ھڪ دم ڪڏھن به ختم نه ٿي سگھندي ۽ ان سڄي مزاحمت جا بنياد ظلم، جبر، نا انصافي آھن ۽ انھن زيادتين کي 1978 ۾ حميده گھانگھرو ۽ آصفه رضويءَ مچ جيل ۾ منهن ڏنو هو.

پر ھن وقت به حڪمران پنھنجي ھوڏ تي بيٺا آھن ٽيهھ ڏينھن ٿي چڪا آھن.  اھا لاٽ حميده گهانگهرو ۽ آصفه رضوي جي ٻاريل آھي جنھن پٽ فيڊر ۾ سردارن خلاف ڳالھه ڪرڻ کي به ڪفر سمجھيو ويندو ھو ۽ اھو انسان واجب القتل سمجھيو ويندو ھيو ان وقت جو ملان به سردارن وڏيرن جو نوڪر ھوندو ھو. اھائي حميده گھانگھرو جي ڏيئي جي لاٽ اڄ دنيا جي حڪمرانن آڏو ماھه رنگ جي روپ ۾ آھي.

ھيءَ صدين جي ڊگھي جنگ آھي سفر کٽڻ وارو ناھي.  جيستائين ڌرتي آھي ۽ ڌرتيءَ  تي انسان آھي اها جنگ جاري  رھندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.