عمران خان مڃڻ لاءِ تيار ؟

رفيق پٽيل

عالمي سطح تي سڄي دنيا جي ملڪن جي ترقي جو راز معلوم ڪرڻ جي لاءِ جيتري بھ تحقيق ڪئي وئي آھي.ان ۾ اھو ئي اصول آڏو آيو آھي تھ دنيا جو ڪو بھ ملڪ عوام کي بااختيار يا خوشحال بڻائڻ بنا ترقي نٿو ڪري سگھي.اھا ئي ڳالهھ گڏيل قومن جي پاران سٺي حڪمراني جي لوازمات لاءِ سموري دنيا جي محققن جي ذريعي ڪرايل تحقيقاتي رپورٽ ۾ پڻ سامھون آئي آھي.گڏيل قومن جي قانون جي حڪمراني جي ھڪ ٻي رپورٽ جي مطابق معاشي ترقي،سياسي استحڪام،صاف سٿري بھتر سماج ۽ انساني حقن جي لاءِ قانون جي حڪمراني لازمي آھي.

ملائيشيا انتھائي مسئلن جي باوجود انھن اصولن ھڪ حد تائين عمل ڪري حيرت انگيز معاشي ترقي ڪري رھيو آھي.ھندوستان سمورن مسئلن ۽ موجودھ انتھاپسندي جي ڪيفيت ۾ پڻ آئين کي مٿاھون رکي ڪري مسلسل چونڊن جي ذريعي ڪنھن وڏي انتشار کان محفوظ آھي.بنگلاديش سمورن مسئلن جي باوجود آئين،جمھوريت ۽ چونڊ عمل جاري رکيو آھي.

ان جي ابتڙ پاڪستان جي حڪمراني،جمھوريت ۽ آئين جي بالادستي کان ھٽي ڪري ٻئي پاسي ڏانھن وڌي پيو.جنھن ڪري ملڪ  سياسي،معاشي ۽ عدم استحڪام جو شڪار آھي.پاڪستان کي ان رخ ڏانھن وٺي وڃڻ ۾ پي ڊي ايم جي اڳوڻي حڪومت بنيادي ڪردار ادا ڪيو آھي.بي اعتمادي جي رٿ باوجود ڪنھن بھ بھتر سمجھوتي جي راھ ھموار ڪري چونڊ ڪرائڻ کي يقيني بڻائجي ھا، تھ اھا شڪست جي باوجود  سرخرو ٿين ھا.شايد ايندڙ چونڊن ۾ انھن جي پوزيشن بھتر ھجي ھا،پر گذريل حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي ۽ عمران خان جي رستي روڪڻ جي انتقامي ڪارروائي جي منفي اثر سبب خود حڪومتي جماعتن جي ساک ان حد تائين خراب ٿي وئي آھي.اھي اليڪشن کان ڊنل آھن.جيستائين اھي عوام جي خواھش جو احترام نھ ڪنديون ۽ ان سلسلي کي جاري رکنديون تھ، اھي پنھنجو وجود وڃائي ڇڏينديون.

ھن وقت پاڪستان ۾ ۽ خود انھن سياسي جماعتن جي حق ۾ بھتر آھي تھ ھڪ وسيع سمجھوتي ڏانھن ان اميد سان اڳتي وڌجي تھ عمران خان ۽ ان جي جماعت راضي ٿي ويندي.پي ٽي آءِ مخالفن جا الزام آھن تھ عمران خان نھ پيو مڃي.ھو ضدي آھي، سمجھوتي تي آمادھ نھ آھي.ان سان نظام کي خطرو آھي.اھو ھڪ فتنو آھي،ھن نوجوانن کي خراب ڪري ڇڏيو آھي.اھو عالمي قوتن سان لاڳاپا خراب ڪري رھيو آھي.ان جي ڪري معيشيت کي خطرو آھي. ھن جو نڪاح نامو درست نھ آھي.ھن گھڙي چوري ڪئي آھي،الخير يونيورسٽي جي زمين خيرات م ڪئين ملي،ھن 9 مئي تھ ڪجهھ حساس هنڌن تي حملو ڪرايو.

انھن الزامن کي عوام جي اڪثريت تسليم نٿي ڪري،ھاڻي جڏھن انھن الزامن کي عوامي پذيرائي ناھي ملي ۽ پي ٽي آءِ،جي مقبوليت وڌي رھي آھي،جنھن بعد ھاڻي ان مطالبي تي زور ڏنو پيو وڃي تھ عمران خان کي سسٽم کان ٻاھر ڪرڻو پوندو. ھن جي سياسي جماعت کي چونڊ عمل کان ٻاھر ڪيو وڃي.

اھڙين چونڊن جي بھ خواھش ڪئي پئي وڃي تھ نتيجا بھ پي ٽي آءِ، جي مخالفن جي مرضي مطابق تيار ٿين ۽ اقتدار آصف زرداري،نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ٻين اتحادين جي حوالي سان ڪيو وڃي. ان خواھش جي پوري ٿيڻ جي صورت ۾ سياسي۽ معاشي صورتحال جي بھتري ممڪن نھ ٿيندي.تحريڪ انصاف تي پابندي جي صورت ۾ جيڪڏھن پي ٽي آءِ،ڪنھن ٻي جماعت جي حمايت ڪري ڇڏي تھ نتيجا تباھي وارا ھوندا ۽ ملڪ افراتفري ۽ انتھاپسندي ڏانھن ھليو ويندو.

عمران خان کي مڃرائڻ انتھائي آسان آھي.ھو ان ڳالھھ تي آمادھ ٿي سگھي ٿو تھ اھو وزيراعظم جو اميدوار نھ ھوندو،ھو قومي اسميبلي جو رڪن بھ نھ ھوندو،ھو جيل کان ٻاھر نھ ايندو،جيڪڏھن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني،غيرجانبدار اليڪشن ڪميشن جي ذريعي آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون،بنيادي انساني حقن جو احترام،آزاد و غيرجانبدار عدليھ ۽ غيرسياسي قوتن جي مداخلت جي خاتمي ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جا معاملا سمجھوتي تحت اڳيان وڌايا وڃن تھ 9 مئي تي عدالت ڪيمشن جوڙي سگھجي ٿي.

پي ٽي آءِ، جي پاران ڪنھن جي خلاف ڪارروائي نھ ڪرڻ جي يقين دھاني بھ ڏئي سگھجي ٿي،اھڙي طرح جي معاھدي کي ڪجهھ حلقا يقين نھ ڪرڻ ۽ تصوراتي معاھدو  سمجھي سگھن ٿا،ضروري نھ آھي تھ جئين جو تئين اھوئي معاھدو ھجي، ان سان قريب ترين معاملن تي سمجھوتو ٿي سگھي ٿو.اصل ۾ پي ڊي ايم جون جماعتن ۽ ڪنھن حد تائين پيپلزپارٽي کي بھ خطرو درپيش آھي تھ ان جون اھم شخصيتون آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن ۾ شڪست جو شڪار نھ ٿي وڃن.پاڪستان ھن وقت جن مسئلن ۽ انتشار جو شڪار آھي،ان کي عوامي خواھشن جي خلاف جبري مڙھيل حڪومت جي ذريعي بحران مان نٿو ڪڍي سگھجي،

گذريل 20 مھينن کان پي ٽي آءِ، جي خلاف جاري آپريشن جو نتيجو اھو ٿيو تھ عدليھ جي ساک ختم ٿي وئي.انتظاميھ بي لغام ٿي وئي،قانون سازي پنھنجي اھميت وڃائي ويٺي،ميڊيا جي غيرجانبداري بري طرح متاثر ٿي،سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام وڌندو ئي پيو وڃي،بدعنواني عام آھي،معاشرو اخلاقي زوال جو شڪار آھي،جيڪڏھن مسلم ليگ ن، پي پي پي ۽ مولانا فضل الرحمان جي انھن مطالبن کي تسليم ڪيو وڃي،پي ٽي آءِ،تي پابندي لڳائي وڃي ۽ ان جي سرگرم ماڻھن کي جيلن ۾ بند ڪيو وڃي،ان جي باوجود مسلم ليگ ن،پي پي پي ۽ مولانافضل الرحمان جي خلاف جاري عوام جي منفي جذبات ۾ وڌيڪ اضافي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ اھي جماعتون وڌيڪ زوال جو شڪار ڪري سگھن ٿيون.

اڳوڻو تجربو شاھد آھي تھ انھن جماعتن وٽ ملڪ ۾سياسي ۽ معاشي بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪو فارمولو موجود نھ آھي،جيڪڏھن انھن وٽ ڪو فارمولو ھجي ھا تھ پنھنجي 16 مھينن جي حڪومت ۾ ان تي عمل ڪري عوامي پذيرائي حاصل ڪن ھا.پر ناقص ڪارڪردگيءَ جي ڪري اھي جماعتون مسلسل زوال پذيرآھن ۽ عوام ۾ پنھنجي مقبوليت وڃائي آھن،اقتدار تي قبضي جي خاطر غيرسياسي قوتن جو ھٿيار بڻجي ڪري ملڪ ۾ جاري عدم استحڪام ۾ اضافو ڪري رھيون آھن.

ڏاھپ جي گھرج آھي تھ وسيع البنياد سمجھوتي سان ملڪ کي ھن ڌٻڻ مان ٻاھر ڪڍيو وڃي، ان ۾ ڪنھن جو وقتي نقصان ٿي سگھي ٿو تھ  اھو بھ برداشت ڪري اڳيان وڌڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.