پيپلز پارٽي جو 10 نقاطي منشور

رياض ابڙو 

اسان کي ان ڳالھه  کان انڪار ناهي ته پي پي جي دور ۾ جيڪا ترقي ٿئي ٿي سا نظر نه ٿي اچي، هنن جي دور ۾ پگهاردار ۽ مزدور طبقي جي لاءِ هر دفعي چڱائي ئي چڱائي هوندي آ. پر ڳالھه  مرڪز جي ڪنٽرول جي آ ته اهي جنهن به پارٽيءَ سان محبوبيت جو اظهار ٿا ڪن ته اهي انهن سان نڀائن نه ٿا. ماضيءَ ۾ اها ڳالھه   هر سياسي پارٽين سان ڏٺي وئي آهي، ته جيڪو جيترو به دادلو هجي پر ان جي دال نه ٿي ڳري. اهي سياسي پارٽين وارا جيڪي واعدا ڪن ٿا انهن مان ڪنهن جو به وفا نه ٿو ٿئي. ڳالھه  جي شروع ڪيون ته اها ڳالھه  اٿندي ئي پي ٽي آءِ جي تاريخ ورجائيندي جنهن ۾ هنن ڪروڙين نوڪرين جي ڳالھه  ڪئي هئي پر ويندي ويندي انهن ته سوئي گيس جي ملازمن کان وٺي اسٽيل مل جي ملازمن جا ترا ڪڍي ڇڏيا. ان ڪري ته اها مرڪز جي پاليسي نه هئي.

ڳالھه  اها به آهي ٿا ته هاڻي گهڻي ڀاڱي جيڪي به ادارا آهن اهي رياست جي ڪنٽرول ۾ ناهن يا ايندڙ ڪجھه  سالن ۾ اهي سڀ جا سڀ ادارا وڪامجي ويندا، پوءِ انهن خانگايل اداران ۾ سرڪار جي دال نه ٿي ڳري ان ڪري ته جيڪي به انٽرپرونيوئرز هوندا آهن اهي گهڻي ڀاڱي پنجابي هوندا آهن، اهي ايگزيڪٽو ڪلاس جي نوڪرين ۾ رڳو پنهنجا پنجابي خاص پنجاب مان گهرائي يا ٻاهرين ملڪن مان آڻي نوڪري تي رکندا آهن، پوءِ اسان جهڙن قومن جي نوجوانن جو ڇا ٿيندو؟ ڇو ته اهي ادارا جڏهن سرڪار جا آهن ئي نه ته اهي ڪري ڇا سگهندا. اها ڳالھه  به مڃون ٿا ته پي پي وارن منيمم ويجز جي ڳالھه  هر دور ۾ ڏاڍي ڀلي ڪئي آ، پر ڳالھه  ته ان کان به مٿي جي آ جنهن ۾ انهن سياسي پارٽين جو وس نه ٿو هلي ۽ ڪري به ڪجھه  نه ٿا سگهن. پوءِ ڳالھه  اها ڪجي جيڪا پوري ڪري سگهجي. بلاول جي اڳواڻي جي اها ڳالھه  مڃون ٿا ته هن 16 مهينن ۾ جيترا ڀلا ڪم وفاقي وزارت ۾ هن ڪيا ايترا شايد ڪير ڪري به سگهي. هن شخص ٻاهرين ملڪن سان ناتا بهتر ڪيا، هن انهن دورن جي دوران اهي سڀ مفاهمتون ۽ مزاحمتون به ڪيون جن جي ڪري هي عارضي سرڪار ڪجھه  ڪرڻ جي سگھ ساري ٿي، جيڪا ڳالھه  نگران وزيراعظم به مڃي ٿو. پر ڳالھه  ته پارٽي ليول تي ڪرڻ جي آ جيڪا سموري ڳالھه  وري مرڪز تي وڃي ٿي پئي، جنهن ۾ غريب عوام وري آسري ۾ رهجي ٿو وڃي.

بجلي جا سڀئي ادارا خانگي ڪيا ويندا. جنهن ۾ هن اسٽيٽ جي پلاننگ ۾ اهو آهي ته بجلي جي پيداوار وارا ادارا الڳ هوندا جنهن ۾ داسو پاور پروجيڪٽ به شامل هوندو جنهن جي توسيع چائينا جي حوالي ڪري ڪئي وئي آهي. ان ڪري هن رياست جي لاءِ هاڻي آساني ٿي پئي آهي ته اهي بجلي جي پيداواري اداران کي خانگائي به ٽيڪس ڪمائيندا ته ڊسٽريبوشن جا ادارا هنن کي الڳ ٽيڪس ڪمائي ڏيندا ۽ استعمال ڪندڙ الڳ. پوءِ اهي ادارا جڏهن سرڪار وٽ آهن ئي نه ته انهن جي مفت بجلي ڪيئن ۽ ڪڏهن ملندي؟ اها ڳالھه  به پي ٽي آءِ وارن جي ڳالھه  وانگي نه بيهي ڇو ته پي ٽي آءِ وارن جي ڪا ڳالھه  ثابت نه بيٺي، ڇو ته انهن جيڪي به واعدا وچن ڪيا هيا اهي ڪري نه سگهيا. ان ڪري اسان ته دعاگو آهيون ته شل اهڙي سرڪار اچي جيڪا اهي سڀ شيون ممڪن ڪري ڏئي، ڇو جو ڪنهن به سرڪار ۾ اها همت ناهي هوندي ته اهي پيٽرول جا ريٽ گهٽ ٿيڻ سان ڪو پرائيس ڪنٽرول به ڪري سگهن. پر ايندڙ حڪومت جي متِ ۾ شل اها ڳالھه  به ويهي ته ان پيٽرول جي گهٽ اگهه جو فائدو ڪنهن صورت عوام کي به ملي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪيئن به ڪري ممڪن ڪري، پوءِ ڪهڙي به سرڪار اچي يا ڪير به اچي. اهو به چئجي ته هاڻي نوازشريف ملڪ جا مسئلا حل ڪندو يا حل ڪري سگهي ٿو، ڇو ته اهي ڳالهيون رڳو چوڻ جون آهن ڪرڻ ڪير به نه ٿو ڄاڻي. نوازشريف وارا به پي ٽي آءِ جي دور ۾ لنڊن ۾ ويهي ڀڀڪيون هڻندا هيا ته اهي پيٽرول، ڊيزل ۽ ڊالر جون قيمتون گھٽ ڪري ڏيکاريندا ۽ شهباز شريف آيو ته اچڻ سان ئي ڪپڙا وڪڻڻ جي ڳالھه  ڪري ويٺو ۽ ويندي ويندي عوام کي ڦري فقير ڪري هليو ويو. پوءِ هاڻي انهن تي يقين ڪيئن ڪيون جو اها ڳالھه  ته ڪلهوڪي آ. وري هاڻي ٿا چون ته سڀ ڪجھه  نوازشريف صحيح ڪندو پر ڪير ڪجھه  به نه ٿو ڪري سگهي. پوءِ شابس وري به هن عارضي سرڪار کي آ جنهن پنهنجي همت يا سچائي سان جيڪي ڪجھه  ڪري سگهيا آهن ڪن ٿا پيا جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊالر جون قيمتون گهٽائڻ به وڏي ڳالھه  آ.

تعليم جا خواب سڀ ڏيکاري ويا آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏي هام ته عمران خان هڻي ويو هيو، جنهن اچڻ سان ئي چيو هيو ته هڪ جهڙو نصاب آڻينداسين. پر جڏهن ڪرسي تي پهتو ته خبر پيس ته اهي ڳالهيون سڀ ڪرڻ جون آهن، ڪير عمل نه ٿو ڪرائي سگهي. ڪير به مفت تعليم نه ٿو ڏياري سگهي. ڇو ته اي ليول، او ليول، ميٽرڪ سسٽم، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪولن جا نصاب، ڪيبرج سسٽم، مختلف ميڊيم، قسمين قسمين تعليمي بورڊ، جنهن ۾ فارين بورڊن کان شروع ٿين ٿا ته خانگي تعليمي بورڊن تائين ڳالھه  ٿي پڄي. ڪٿي ساليانو امتحاني سسٽم آ ته ڪٿي سيميسٽر ڪٿي ٽرم وائيز امتحان ورتا ٿا وڃن وري مذهبي مدرسن جا ڪورس جي لکون ته مٿو ئي چڪرائجي وڃي، جو اهي سمجهڻ به وڏي فلسفي جا ڳالھه  آ. ان ڪري تعليم رڳو مفت ٿئي يا ڪنهن صورت ٿي پئي جنهن ۾ ڪهڙو به ڪورس هجي، ڪهڙو به نصاب هجي يا ڪهڙو به نظام هجي پر ٿئي. ان ڪري اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن وڏي انقلاب جو پيش خيمو هونديون، ڇو ته نظام ۽ نصاب ٻه وڏا وڏا تعليمي سُٽ آهن، جيڪي غريب غربي جي سمجهھ کان چڙهيل آهن. پر رڳو پرائمري کان پي ايڇ ڊي تائين انڌي منڊي سرڪاري تعليم مفت ٿي پئي ته به ڀلو، پوءِ اهي نظام ۽ نصاب پيا ائين هلندا جيئن هلن پيا، ان ڪري بلاول جي ڳالھه  ته ڀلي آ پر الله ڪري ٿي پئي.

عمران خان جي دور ۾ اها ڳالھه  ڏاڍي ڏکائيندي هئي ته هن جيڪي به صحت ڪارڊ هلايا، جيڪي به آءِ ٽي پروجيڪٽ هلايا ۽ جيڪي به بس پروجيڪٽ هلايا اهي سڀ جا سڀ يا ته پنجاب ۾ هيا يا اهي ڪي پي جي نذر هيا. جڏهن به کائنس اها ڳالھه  پڇي ويندي هئي ته اهو هڪ ئي جواب ڏيندو هيو ته سنڌ صوبو اسان جو ناهي، ان ڪري اهي ڪو به ڪم سنڌ صوبي ۾ نه ڪندا. 27 آگسٽ 2020 ۾ ٿيل بارشن ۾ 1300 ارب روپين جا ڪراچيءَ جي لاءِ سکڻا اعلان ڪري وري واپس نه آيو. بهرحال، اسان عوام جون پي پي وارن مان لک اميدون آهن ته اهي انهن پارٽين جي ڀيٽ ۾ مڙئي ڪجھه  ترقياتي ڪم ڪن ٿا، ائين به ناهي ته هي ملڪ هاڻي سنگاپور ٿي ويندو يا پيرس ۽ لنڊن کي پوئتي ڇڏي ويندو پر لائيف انڊيڪس ڪجھه  بهتر ٿئي ته به ڀلو آ.

ماڻهن فليش فلڊ جا عذاب ڏٺا، ماڻهن جا مال متاع لڙهي هليا ويا، جيڪي ماڻهو ڪووڊ جهڙي وبا جا ڌڪ جهلي مس سڌا هيا اهي وري عذابن جي ورِ چڙهي ويا، پر اميد آ ته اهي هاڻي بلاول جي اڳواڻي ۾ من ڪي سک جا ساھ کڻن. هاڻي انهن غريب ماڻهن کي هاري ۽ مزدور ڪارڊ ڏنا وڃن، انهن ماڻهن کي فري راشن ڪارڊ ڏنا وڃن، انهن ماڻهن کي هاڻي فري صحت ڪارڊ ڏنا وڃن. پر مصيبت اها به آهي ته اهي سڀ ڳالهيون جيڪي هاڻي سڀ اڳواڻ هڪٻئي ئي پوئتي ڇڏڻ ۽ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ڪن ٿا اهي سڀاڻي پوريون به ڪن. ان ڪري هتان جا نوجوان جيڪي پڙهي به روزگار جي لاءِ در در ڌڪا ٿا کائن انهن کي مهل سان نوڪريون ملن، نوان نوان صنعتي زون جوڙيا وڃن ته جيئن انهن سڀني ڳالهين ٿيڻ سان زندگيءَ جون بهارون اچن ۽ معاشي ۽ معاشرتي ترقي ممڪن ٿئي. ڇو ته مرڪز وٽ رڳو اسان جهڙين قومن جي لاءِ استحصالي اسڪيمون آهن جنهن ۾ بحريا ٽائون کان وٺي، ڪمانڊر سوسائٽين کان وٺي، اي ايس ايف سوسائٽون تائين، ۽ هاڻي 54 هزار ايڪڙ زمينون پنجابي انويسٽرن جي نالي ڪيون اٿن جنهن سان وري اهو ٿيندو جو صنعتي انقلاب جي نالي هن قوم کي ڦري ناڙ ڪندا پر پي پي مان اهي سڀ اميدون واڳي سگهجن ٿيون ته اهي انهن مسئلن جو ڪو پائيدار حل ڪڍندا ته جيئن پنجاب جهڙي نه صحيح ان جي اڌ جيتري ترقي به ممڪن ٿي پئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.