حڪومت مھانگائي ڪري عوام تي مالي بار وجھي ڇڏيو

ملڪ ۾ عام چونڊن جو چرچو آھي، سياسي جماعتن جون سرگرميون جاري آھن، ان دوران سموري ملڪ ۾ مھانگائي وڌي رھي آھي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ ڪري عام ماڻھون وڌيڪ مالي طور دٻاءَ جو شڪار ٿي رھيو آھي.پر ڪا بھ سياسي جماعت ھن وقت جي مالي صورتحال بابت ڳالھائڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ سالياني بنيادن تي 43.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي. شماريات واري وفاقي بيورو موجب ملڪ ۾ هلندڙ هفتي جي آخر ۾ گذريل هفتي جي مقابلي ۾ 0.37 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ڊسمبر جي هلندڙ هفتي ۾ 43.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

گذريل سال ڊسمبر جي موجوده هفتي جي مقابلي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هڪ هفتي دوران ڪڻڪ، ٽماٽا، گجر ۽ چانور جي قيمتن ۾ واڌ ڏٺي وئي، عام ماڻهو تي هفتيوار مهانگائي جي اثرن تي بحث ڪندي اقتصاديات جي ماهر ڊاڪٽر عاليه هاشمي چيو آهي ته هفتيوار مهانگائي جي انڊيڪس ’سينسٽو پرائس انڊيڪس‘ آهي. جنهن جو مطلب ته اهو سڀ کان وڌيڪ عام ماڻهو تي اثر انداز ٿئي ٿو.

هن چيو تھ هيٺين طبقي سان لاڳاپيل ماڻھن لاءِ سامان جهڙوڪ ڪڻڪ، کير، کنڊ، چانور، پٽاٽا، بصر ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عام ماڻهو خاص طور تي گهٽ آمدني وارا ماڻهو انهن شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پنهنجي غذائي ضرورتن تي سمجھوتو ڪرڻ تي مجبور آهن.

ھڪ ڀيرو وري بجلي جي اختيارين قيمتون وڌائي ڇڏيون آھن،جنھن سان عوام ٻيھر مھانگائي جي لھر کي منھن ڏيندو.ھڪ اھڙو ملڪ جتي اڳي ئي ملڪ جي ھڪ وڏي اڪثريت پنھنجي ٻن ويلن جي لاءِ پريشان آھي، مٿان وري ھر ھفتي ڪنھن نھ ڪنھن لازمي اسم جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آھي.ھاڻي وري نيپرا وارن قيمت وڌائي عوام مٿان بجلي ڪيرائي وڌي آھي.اڳوڻين حڪومتن پاران عالمي ادارن آڏو گوڏا کوڙڻ بعد ملڪ ۾ مھانگائي جو ھڪ طوفان آيل آھي، ھن وقت جي مالي صورتحال ۾ تھ غر يب غربي سان گڏ مڇي ماني واري ماڻھو جو بھ جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي.

عوام کي ھاڻوڪي حڪومت ۽ بجلي جي اختيارين مان ٿوري گھڻي عوامي ريليف جي جيڪا اميد ھئي سان بھ پوري ٿيندي نطر اچي رھي آھي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي آهي. نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي حڪومتي درخواست منظور ڪندي بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 72 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اها منظوري گذريل مالي سال جي ٻئي ۽ ٽئين ٽي ماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڏني وئي آهي، جنهن موجب جنوري کان مارچ 2023ع جي ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ،جڏهن ته ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022 تائين، اهو47 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيپرا جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته واڌ جي منظوري سڄي ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ هڪجهڙائي برقرار رکڻ لاءِ ڏني وئي آھي.جڏهن ته بجلي صارفين کان وصولي جنوري، فيبروري ۽ مارچ 2024 ۾ ڪئي ويندي. نيپرا فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آھي.

ملڪ ۾ جيڪا مھانگائي جي صورتحال آھي ان ۾ عام ماڻھو جي بجيٽ اڳ ئي آئوٽ ھئي،مٿان وري وقفي وقفي سان بجلي،پيٽرول ۽ گئس جا اگھھ وڌايا وڃن ٿا.جنھن سان سڌو عوام جي بجيٽ تي بار پئجي رھيو آھي.نگران حڪومت جي اھڙين فيصلن سان عوام وڌيڪ مونجھاري جو شڪار ٿي ويو آھي.

ھن کان اڳ ڪراچي ۾  واپاري برادري بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ، واڌو بلن ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ  خلاف احتجاج ڪيو ھو، پر ھاڻي اھڙي ڪنھن اضافي جو ڪو بھ نوٽيس نٿو ورتو وڃي.

موجودھ حڪومت جي دور ۾ جنھن طريقي سان بجلي، گيس، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آھي.ان جو مجموعي طور تي سموري سماج تي خاصو اثر پئجي رھيو آھي.

عام خيال ھي آھي تھ حڪومت جيئن تھ عالمي ادارن سان ڪيل معاھدن ۾ اھڙا شرط قبوليا آھن، جنھن ڪري ڪھڙي بھ حڪومت ھجي، پر بجلي،گئس ۽پيٽرول جي قيتمن ۾ اضافي جو عمل نٿو رڪجي.

حقيقت ۾ ملڪ ۾ عام ماڻھو جي مالي صورتحال جيئن پوءِ تئين وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي پر حڪمران عوام کي ڪنھن بھ قسم جو رليف ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي، هزارين نوجوان ۽ مزدور بيروزگار آهن، ڪاروبار تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.ان صورتحال ۾بجلي وڌيڪ مهانگي ٿي وئي آهي، عوام ۾ ڪاوڙ آهي، لوڊشيڊنگ جاري آهي.

ملڪي معاملن کي ھلائڻ جي لاءِ جيڪڏھن نگران حڪومتن کي وڌيڪ اختيار ڏئي سگھجن ٿا تھ پوءِ اھي عوام کي رليف ڏيڻ واري سلسلي ۾ ڪو بھتر قدم کڻڻ کان ڇو لاچار آھن.

سرڪار کي ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ڏانھن خاص ڌيان ڏئي ڪري ڪي اھڙا قدم کڻڻ گھرجن جنھن سان ماڻھن کي فائدو پھچي، ٻي صورت ۾ مھانگائي جي اھڙي اثر سان سموري معاشري ۾ خطرناڪ حالتون پيدا ٿي سگھن ٿيون.

هجڻ ته ايئن گھرجي تھ ملڪ جي سياسي جماعتن کي موجوده مھانگائي تي غور ڪندي ڪا اھڙي پاليسي يا پروگرام ڏيڻ گھرجي جنھن سان مستقبل ۾ ڪنھن طرح سان مھانگائي مان جان آجي ٿيڻ جي ڪا اميد پئدا ٿي سگھي.پر ھن وقت تائين ڪنھن بھ سياسي جماعت عوام جي حقيقي مسئلن کي سامھون رکي ڪري ڪنھن بھ اھڙي پروگرام جو اعلان نھ ڪيو آھي.

عملي صورتحال اھا آھي تھ جاري مھانگائي جي لھر،بيروزگاري ۽ بنيادي سروسز فراھم ڪندڙ ادارن پاران بجلي،گئس،پيٽرول سميت روزمرھ جي عام شين جي قيمتن ۽ اگھن ۾ ڪيل اضافي سان ان جو وڌ کان وڌ بار عام ماڻھو خاص ڪري وچولي ۽ ھيٽين طبقي جي ماڻھن تي پئجي رھيو آھي.جنھن ڪري سموري سماجي توازن ۾ اڳي ئي موجود بگاڙ وڌي رھيو آھي.نگران سرڪار کي ان سلسلي ۾ جوڳا قدم کڻندي مھانگائي کي روڪڻ گھرجي ته جيئن ملڪ جو عام ماڻھوءَ بھ ھن دور ۾ ساھ کڻي سگھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.