بابا وانگا جون 2024 بابت حيران ڪندڙ اڳڪٿيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بابا وانگا بلغاريا جي هڪ پراسرار شخصيت هئي جنهن جو موت 1996 ۾ ٿيو هو.

هن ٻڍڙي عورت کي گهڻا ماڻهو روحاني عورت سمجهندا هئا ڇو ته پنهنجي موت کان اڳ هن ڪيتريون ئي اهم اڳڪٿيون هيون.

عورت جي لاڏاڻي کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين سندس اڳڪٿيون صحيح ثابت ٿيون آهن ۽ هر نئين سال هڪ ڀيرو ٻيهر سندس اڳڪٿين جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ۽ ڏٺو ويندو آهي ته نئين سال ۾ بابا وانگا جي اڳڪٿين موجب ڇا ٿيڻ وارو آهي.

هن سال لاءِ ڪيل سندس اڳڪٿين ۾ هاڪاري توڻي ناڪاري واقعا شامل آهن.

بابا وانگا چواڻي ته 2024 ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۾ ڪاميابي ملي ويندي ۽ آرٽيفيشل انٽيلجنس اوچتو انقلاب آڻي ڇڏيندي جنهن سان ڌرتي موجود هر ماڻهو متاثر ٿيندو.

نئين ايندڙ سال ۾ ڪينسر جو علاج دريافت ڪيو ويندو ۽ انسانيت کي هن موتمار بيماري مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

بابا وانگا اها به اڳڪٿي ڪئي آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويندو ۽ مٿس حملو ڪندڙ سندس ئي ملڪ جا ماڻهو هوندا.

بابا وانگا اڳڪٿي ڪئي ته آمريڪا جو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2024ع ۾ پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندو.

بابا وانگا 2024 لاءِ سائبر حملن ۾ واڌ کان خبردار ڪيو هو، اڳڪٿي موجب هيڪرز حساس انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائيندا مثال طور پاور گرڊ ۽ واٽر پلانٽس وغيرا.

بابا وانگا موجب 2024 ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري تباهه آڻيندڙ قدرتي آفتون اينديون.

مٿئين سال خطرناڪ موسمي حالتون وڌي وينديون، طوفان ۽ ٻوڏون اينديون جنهن سان وڏي پئماني تي تباهي ۽ جاني نقصان ٿيندو.

هن اها به اڳڪٿي ڪئي ته پئسفڪ ريم واري علائقي ۾ وڏو زلزلو ايندو جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو.

بابا وانگا اڳڪٿي ڪئي ته 2024ع ۾ هڪ وڏو معاشي بحران ايندو جيڪو عالمي معيشت کي متاثر ڪندو.

هڪ ٻي اڳڪٿي موجب هڪ ڊريگن سڄي ڌرتي تي قبضو ڪري راڄ ڪندو جيڪو روس، چين ۽ ڀارت ٿي سگهي ٿو. پر بابا وانگا ڊريگن جو لفظ استعمال ڪيو آهي جنهن مان مراد چين آهي.

هتي اها ڳالهه ڄاڻڻ ضروري آهي ته جيتوڻيڪ بابا وانگا جون اڳڪٿيون صحيح ثابت ٿينديون آهن پر ڪي اهڙيون اڳڪٿيون به آهن جيڪي درست نه ٿيون هيون ۽ اهو سمجهجي ته مستقل جي اڳڪٿي

ڪرڻ هميشه درست ناهي هوندي، اهي واقعا فردن ۽ سماجي عملن جي ڪري تبديل ٿي سگهن ٿا.

اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته بابا وانگا 1911 ۾ ڄائي ۽ 1996 تائين بلغاريا ۾ حياتي گذاريان، هو انڌي هئي ۽ کيس وڏا وڏا ماڻهو مستقبل بابت صلاح لاءِ گهرائيندا هئا.

ڪيترائي ماڻهو بابا وانگا جي ڳالهين تي شڪ ڪندا آهن پر تنهن باوجود هن جون ڪيتريون ئي اڳڪٿيون سچيون ثابت ٿيون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو شهرت رکندي آهي ۽ سندس اڳڪٿيون نه رڳو

2024 تائين پر اڃا به ڪيترائي ڏهاڪا وڌيڪ ڪيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.