2024ع ۾ گھمڻ لاءِ دنيا جا سڀ کان بهترين ملڪ ڪهڙا آهن؟ پاڪستان به شامل

گھمڻ ڦرڻ جو شوق ڪنهن کي ناهي هوندو ۽ مختلف ملڪن جي سياحت جو خواب هر فرد ڏسندو آهي.
دنيا جي سڀ کان وڏي ٽريول گائيڊ بڪ پبلشر ڪمپني لونلي پلانيٽ دنيا جي 10 ملڪن کي 2024ع ۾ سياحت لاءِ بهترين قرار ڏنو ويو آهي.
سٺي خبر اها آهي ته انهن ملڪن ۾ پاڪستان جو نالو به شامل آهي.
بنيادي طور تي لونلي پلانيٽ ملڪن، خطن، شهرن، بهترين ويليو sustainable ٽريول ڪيٽيگريز ۾ 50 هنڌن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي.
2024ع ۾ سياحت لاءِ بهترين ملڪن ۾ منگوليا جو نالو سڀ کان مٿي آهي جنهن کان پوءِ ڀارت، مراڪش، چلي، بينن، ميڪسيڪو، ازبڪستان، پاڪستان، ڪروشيا ۽ سينٽ لوشيا ترتيبوار 2 کان 10 نمبرن تي موجود آهن.
ڪمپني موجب 2024ع لاءِ اسان جي چونڊيل هنڌن جي سياحت ماڻهن لاءِ زبردست ايڊونچر ثابت ٿيندي.
لونلي پلانيٽ طرفان چيو ويو آهي ته آڪٽوبر جو مهينو پاڪستان ۾ سياحت لاءِ بهترين هوندو آهي جڏهن مون سون جي سيزن ختم ٿي ويندي آهي ته خزان جا رنگ هنزا وادي ۾ نمايان هوندا آهن.
اهڙيءَ طرح پاڪستان جون واديون ۽ برف سان ڍڪيل هماليه جون چوٽيون ڏسندڙ کي دنگ ڪري ڇڏينديون آهن.
ڪمپني موجب قراقرم هاءِ وي جو سفر به وسارڻ جو ناهي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.