2024ع جي رنگ جو اعلان، ڇا اوهان کي اهو پسند ايندو؟

2024ع شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پين تون ڪلر انسٽيٽيوٽ جي ماهرن ايندڙ سال جي رنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ان انسٽيٽيوٽ پاران هر سال لاءِهڪ رنگ چونڊيو ويندو آهي ۽ 2024ع لاءِ ان نارنگي جهڙي هلڪي گلابي رنگ جي چونڊ ڪئي وئي آهي.
ان رنگ کي Peach Fuzz قرار ڏنو ويو آهي ۽ ماهرن موجب ان سان سڪون ۽ تسڪين جي عڪاسي ٿئي ٿي.
هنن ٻڌايو ته گذريل سال اسان جي زندگين گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏنو ۽ هاڻي اسان کي اهڙي رنگ جي ضرورت آهي جيڪو سڪون ڏيندڙ هجي.
هن وڌيڪ چيو ته اهو اُهو رنگ آهي جيڪو 2024ع جي بهار ۽ گرمين جي موسم ۾ ڇانيل نظر ايندو.
ان انسٽيٽيوٽ 2023ع لاءِ ڳاڙهي رنگ جي هڪ شيڊ Viva Magenta جڏهن ته 2022ع لاءِ ڄمون رنگ جي هڪ شيڊ Very Peri جي چونڊ ڪئي وئي هئي.
انسٽيٽيوٽ موجب دل کي وڻندڙ نارنگي جهڙو هلڪو گلابي رنگ ماڻهن جو خيال رکڻ،ورهائڻ ۽ سهڪار جهڙن جذبن جو پيغام ڏيندو.

انسٹیٹیوٹ کی جانب سے 1999 سے ہر سال کے لیے ایک رنگ کا اعلان کیا جا رہا ہے / فوٹو بشکریہ پین ٹون انسٹیٹیوٹ
ان انسٽيٽيوٽ پاران 1999ع کان هر سال لاءِ رنگن جو اعلان ڪيو پيو وڃي،يعني هاڻي ان کي 25 سال مڪمل ٿي ويا آهن.
ان انسٽيٽيوٽ طرفان رنگ چونڊڻ لاءِ سڄو سال رنگن جي ٽرينڊ جو جائزو ورتو ويندو آهي.
ماهرن پاران سڄو سال فيشن، مارڪيٽنگ، سوشل ميڊيا ۽ سياست سميت معاشرتي رخن کي نظر ۾ رکي ايندڙ سال جي رنگ جي چونڊ ڪئي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.