اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد طرفان پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي ملندڙ تحفن جي قيمت بابت نيب جي جاچ رپورٽ منظر تي اچي وئي.
نيب رپورٽ موجب دبئي مان ڪاٿو لڳرائڻ تي خبر پئي ته پاڪستان ۾ تحفن جي قيمت گهٽ لڳائي ناڻي کي هڪ ارب 57 ڪروڙ، 37 لک رپين جو نقصان پهچايو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 3 ارب 16 ڪروڙ جي تحفن جي قيمت پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک لڳائي وئي، اڌ رقم مطلب 90 لک ادا ڪري تحفا پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي رکي ڇڏيا.
نيب رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تحفن جي درست قيمت ڄاڻڻ جو نظام پاڪستان ۾ موجود ئي ناهي، پاڪستان ۾ ڪو ادارو سعودي شهزادي کان ملندڙ جيولري سيٽ جي قيمت نه ڄاڻي سگهيو.
رپورٽ موجب دبئي ۾ پاڪستاني قونصليٽ جنرل ذريعي ايمبو ايمپيڪس ايف زيڊ اي جي عمران بشير جون خدمتون ورتيون ويون، هن ٻڌايو ته تحفن جي اصل قيمت 3 ارب 16 ڪروڙ 55 لک رپيا ٿئي ٿي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي هڪ ارب 57 ڪروڙ 37 لک رپيا ادا ڪري ئي تحفو رکي پئي سگهيا پر هنن 90 لک ادا ڪري تحفا رکي ڇڏيا.
رپورٽ موجب پاڪستان ۾ سرڪاري آفيسرن خلاف رشوت يا مالي فائدا وٺي گهٽ قيمت ٻڌائڻ جا ثبوت نه مليا، مالي فائدن جا ثبوت نه هجڻ تي سرڪاري ملازمن کي جوابدار نه بڻايو ويو.