عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ ڇو رد ٿيا؟ لکت فيصلو جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 تان پي ٽي آءِ باني عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جو لکت فيصلو جاري ڪيو ويو.
رٽرننگ آفيسر طرفان جاري 8 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج پي ٽي آءِ باني کي سزا ٻڌائي، اها اڃا تائين معطل يا ڪالعدم قرار ناهي ڏني وئي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي نااهلي 5 سالن لاءِ ٿي، عمران خان جي نااهلي به معطل يا ڪالعدم ناهي ٿي، پي ٽي آءِ باني کي آئين جي آرٽيڪل 63 ون تحت نااهل ڪيو ويو.
آر او جي فيصلي موجب عمران خان خلاف شڪايت ڪندڙ جا اعتراض قانوني آهن، تنهن ڪري اين اي 122 تان پي ٽي آءِ باني جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.