آخر تبديلي ۽ سڌاري جا آثار نظر ڇو نه ٿا اچن؟

عبدالرئوف فاروقي

اليڪشن جي آمد آھي ۽ هر پارٽي ڪاميابي لاءِ منصوبا بندي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مصروف آھي، هر ڪوئي پنھنجي ليڊرن جا نعرا لڳائي ٿو، پارٽي اڳواڻ به ماضي جيان عوام کي پڪ ڏياري رهيا آھن ته ”اسان ضرور اوهان جي حقن جي پاسداري ڪنداسين، توهان جا ٻيڙا پار لڳائينداسين، توهان جي ڪلھن جا بار ھلڪا ٿيندا، جڏهن اسان اينداسين ته اوهان غربت مان نڪري خوشحالي ۾ اچي ويندا، لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، پيٽرول سستو ٿيندو، چنڊ ۽ ستارن کي اوهان جي هٿن ۾ رکيو ويندو“ وغيره وغيره۔

جيڪي انقلاب ماضي جي حڪمرانن آندا آھن انھن کان عوام الناس بخوبي واقف آھي، انهن جيڪو ڦريو لٽيو آھي اهو ڪنهن کان وسريو ناهي، انهن ڇا ڪجهھ نه ڪيو آھي، بک، بدحالي، رشوت، فساد ۽ بدعنواني جي جيڪا بازار گرم ڪئي وئي اها وساري نه ٿي سگهجي، هنن غريبن سان فراڊ ڪيا، مسڪينن جا اجھا ڊاھي پٽ ڪري پنھنجا بنگلا ۽ ڪارخانا ٺاهيا، جن غريب عوام سان ڏاڍ ڪيو، اهو ته سڀ ڄاڻن ٿا پر هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هاڻي به انهن جي غلامي ماضي جيان قبول ڪنداسين؟ يا ڪي انقلابي قدم کڻي چوڌرين، نوابن ۽ ڪوڙن وڏيرن کي ضمير جو سودو ڪري ووٽ ڏئي پنھنجو آقا بڻائي سندن غلامي قبولينداسين.

آخر اھا صبح بھار ڪڏهن ٿيندي جو ھي عوام سک جو ساھ کڻندو ھي پھاڪو مشھور آھي ته ”آزمايل کي آزمائڻ ڇائي پائڻ“ آهي واعدا ته هر اميدوار ڪري ٿو پر اقتدار جي نشي ۾ اچي ڪيل واعدا وساري ڇڏين ٿا جو اچي اقتدار جو وقت پورو ٿيو وڃي پوءِ واپس ڳوٺ موٽي ماروئڙن سان سندن پوئينرن جي فوتگي جون تعزيتون به ڪن ٿا.

اسين صرف هڪ صوبي جي ڳالهھ نه پر مجموعي طور پوري ملڪ جي ڳالهه ڪري رهيا آھيون، عالم سڳورا به چون ٿا ته ”اسان کي کٽرايو ته انقلاب آڻينداسين“ نواب به چون ٿا ته ”اسان هارايو ته توهان جو خير ناهي“ توڙي جو اليڪشن کان اڳ ۾ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وڏي حڪمت عملي جوڙي ٿي پو پوءِ به بوتل ۾ بند جنات اقتدار تي قابض ٿي وڃي ٿي، دنيا ۾ ڪهڙي به ملڪ ۾ اهڙي انڌيرنگري ڪونھي جهڙي اسان جي ملڪ ۾ آھي، محترمه بينظير ڀٽو جيڪو اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻندي هئي ان جي پاسداري به ڪئي، توڙي اقتدار ۾ نه ھوندي به وس آھر مسڪينن جي امداد ٿيندي رھندي هئي، بيبي صاحبه کي پنھنجي ماروئڙن سان بي پناھ محبت هئي. ان رستي ۾ جدوجھد ڪندي هن جان جو نذرانو به پيش ڪيو پر آمريت کي سرعام چيلينج به ڪيو، هن وقت ڪو به سياستدان تقرير ڪندو آھي ته ٻڌائيندو به آھي ته ”اسان توهان لاءِ هي ڪم ڪيو، ھي ڪم ڪيو“ توڙي جو اها حقيقت به ھوندي آھي پر شھيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڪڏھن به ايئن احسان نه جتايو ۽ نه ئي ڪيل ھمدردي جا مھڻا ڏنا، بيشڪ اهو جيڪو سٿ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کان ھلندو ھلندو اچي اڄ جي نوجوان سندس ڏوهٽي بلاول ڀٽو سان ڪاروان روان دوان آھي ۽ اهو سوڀارو به ٿيندو، ھي جوان هن ملڪ کي بدحالي مان ڪڍي امن ۽ خوشحالي ڏانھن وٺي ھلندو، پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد انساني ھمدردي سان جڙيل آھي.

اسين صرف اهو چاھيون ٿا ته ملڪ ۾ خوشحالي اچي، ميرٽ جي لتاڙ نه ٿئي، ڪنھن تي ظلم نه ٿئي، بنيادي حقن جي لتاڙ نه ٿئي، ڪمزور تي زور نه آزمايو وڃي، عورتن جي بنيادي حقن جي پڻ پاسداري ڪئي وڃي، اسلامي اصولن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي، خوشحالي موٽي اچي ۽ ايندڙ حڪومت اجائي دلاسن بدران عملي طور ڪم ڪري عوام جون دليون کٽي ته جيئن انهن کي ووٽ لاءِ ورڪ نه ڪرڻو پوي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.