لاهور(م ڊ)ڊپٽي ڪمشنر لاهور سماجي ڪارڪن صنم جاويد جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو.ڊان نيوز موجب جمعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي جي عدالت ۾ حڪومتي وڪيل رپورٽ پيش ڪئي جنهن موجب ڊپٽي ڪمشنر لاهور صنم جاويد جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي،صنم جاويد جي والد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته صنم جاويد کي قانون خلاف نظربند ڪيو ويو، صنم جاويد خلاف 9 مئي تي باهين ۽ عسڪري ٽاور حملي ڪيس جي ٻڌڻي هلندڙ آهي، عدالت نظربندي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي.