شفاف چونڊون نه ٿيون ته جمهوريت پٽڙي تان لهي ويندي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي  چيئرمين بئريسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن کان ذميواري پوري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته بيٽ جو انتخابي نشان عوام جي امنگن جو نشانو آهي. بئريسٽر گوهر عدالت کان مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ اميدوارن کان ڪاغذن کسڻ واري واقعن جو نوٽيس ورتو وڃي. هن چيو ته دستاويز کسڻ جا 80 کان وڌيڪ ڪيس آهن جيڪي عدالت ڌيان ۾ آڻيون ٿا، عدليه کي ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته ڪنهن پارٽي کان نشان وٺڻ ان کي ختم ڪرڻ برابر آهي، هي اهي ماڻهو آهن جن کي هارس ٽريڊنگ پسند آهي، سپريم ڪورٽ هارس ٽريڊنگ روڪڻ جو چيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.