ايف آءِ اي کي منظور پشتين کان جيل ۾ جاچ جو حڪم

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي منظور پشتين کان جيل ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي  جسٽس ميان گل حسن منظور پشتين خلاف ڪيس جي تفصيل ۽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ايف آءِ اي کي منظور پشتين کان جيل ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته قانون اهو آهي ته جڏهن ڪو گرفتار هجي ته ڪيس هلايو وڃي. جسٽس ميان گل حسن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ گرفتار هڪ شخص کي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڏئي چڪي، جيڪڏهن عدالت ۾ فيصلو چئلينج نه ڪيو ويو ته پوءِ اهو حتمي ٿي ويندو. پوليس اهڙا قدم نه کڻي ته حڪومت تبديل ٿئي ۽ جاچ ٿئي ته سندن ڪيريئر تباهه ٿي وڃي، ايف آءِ اي جيل ۾ جاچ ڪري ٻي صورت ۾ ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.