اڳوڻي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو جو فارم منظور

ملير (ڊ ر) ملير جي ٽن قومي ۽ ڇهه صوبائي تڪن تي نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو جاري آهي، ملير جي تڪ اين اي 229 تي پاڪستان  پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو جو نامزدگي فارم بحال ڪيو ويو، جڏهن ته پي ايس 87 تي (ن) ليگ جي مهراڻ شاهه جو فارم بحال ڪيو ويو، جڏهن ته پي ايس 85 تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي محمد ساجد جوکيو جو فارم بحال ڪيو ويو. پي ايس 88 تي پ پ جي سيد مزمل شاهه ۽ عديل اختر شيخ جو فارم بحال ڪيو ويو، پي ايس 85 تي (ن) ليگ جي ڊاڪٽر عمران گهمڻ جو فارم بحال ڪيو ويو. پي ايس 89 تي پ پ جي سليم بلوچ جو فارم بحال ڪيو ويو جڏهن ته مختلف آزاد اميدوارن ۽ سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ اميدوارن ۽ ڪورنگ اميدوارن جا فارم پڻ بحال ڪيا ويا، نامزدگي فارم جي ڇنڊڇاڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي ملير جي ٽن قومي ۽ 6 صوبائي تڪن تي نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.