شهرين جي بهتر مستقبل لاءِ ڪارڪردگي ۾ سڌارو آڻيو: ڊي جي ڪي ڊي اي جون هدايتون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) نويد انور سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي شهرين جي بهتر مستقبل لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي ۾ سڌارو آڻين.
ڊي جي ڪي دي اي نويد انور جي سربراهي ۾ سوڪ سينٽر ڪانفرنس روم ۾ اعليٰ آفيسرن تي ٻڌل اجلاس طلب ٿيو.
اجلاس ۾ چيف انجنيئر ڪي ڊي اي طارق رفيع، ڊائريڪٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمال احمد صديقي، سيڪريٽري ڪي ڊي اي بهزاد عامر ميمڻ، ڊائريڪٽر ريڪوري رضا قائمخاني، ڊائريڪٽر پبلڪ هائوسنگ ناصر خان، ڊائريڪٽر پارڪس محمد زاهد، ڊائريڪٽر اسٽيٽ اينڊ انفورنسمينٽ ارشد عباس، ڊائريڪٽر فنانس ڪاشف خان، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ اربن ڊيزائننگ رفيق کهڙو، ڊائريڪٽر ايمپلي مينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن محمد ارشد، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شڪيل صديقي، ڊائريڪٽر چارجڊ پارڪنگ عبيد احمد ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.
اجلاس ۾ ڊي جي ڪي ڊي اي کي لاڳاپيل شعبي جي آفيسرن مختلف معاملن تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو ۽ اداري کي ويجهي مستقبل ۾ بهتر ڪرڻ لاءِ هاڪاري تجويزن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ اتفاق ٿيو ته ڪي ڊي اي جي آفيسرن، ملازمن ۽ شهرين لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، سمورا آفيسر پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪندي شهر جي تعمير ۽ ترقي ۽ شهرين کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.
ڊي جي ڪي ڊي اي چيو ته رڳو زباني ڳالهيون ڪري ڳڻتي جو اظهار نه ڪيو پر عملي قدم کڻي اداري کي مالي مسئلن مان ڪڍڻ ۽ آفيسرن ۽ ملازمن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اسان جي اداري جي مالي ساک بهتر بڻائڻ ۽ پيش مسئلن جي خاتمي لاءِ قدمن تي گهري نظر آهي، هاڪاري تجويزن تي غور ڪرڻ کانپوءِ اداري جي مفاد ۾ فوري طور عملدرآمد ڪيو ويندو، جنهن سبب ادارو معاشي طور تي نه رڳو مستحڪم ٿيندو پر شهر سميت شهرين کي بنيادي حقن جي فراهمي جو ضامن ثابت ٿيندو.
ڊي جي ڪي ڊي اي لاڳاپيل اختيارين جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايتون جاري ڪيون ته سمورا آفيسر ۽ ملازم وقت جي پابندي کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ روز جي بنياد تي حاضري يقيني بڻائين ۽ شهرين جي بهتر مستقبل لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.