پي ٽي آءِ چونڊ نشان ڪيس: اليڪشن ڪميشن جي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل

پشاور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان بابت فيصلي تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻه الڳ الڳ درخواستون داخل ڪيون آهن، جن مان هڪ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان بابت آهي، جنهن ۾ عدالت کان فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته موڪلن دوران ئي ڊويزنل بئنچ جوڙي درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.