ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل گروپ جي سربراهه سردار اختر مينگل جا قومي اسيمبلي جي ٻن ۽ صوبائي اسيمبلي جي هڪ تڪ تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا.
خضدار مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 256 تان اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا.
آر او موجب بلوچستان اسيمبلي جي سيٽ پي بي 20 خضدار مان به اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا آهن.
آر آو ٻڌايو ته اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ اقامي سبب رد ڪيا ويا.
هوڏانهن ڪوئيٽا مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 264 مان به سردار اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا.
رٽرننگ آفيسر ٻڌايو ته اختر مينگل وٽ گڏيل عرب امارتن جو اقامو هجڻ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.
You might also like