آغا خان يونيورسٽي پاران ٻارن کي تماڪ جي خطرن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ٿيٽر شوز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آغا خان يونيورسٽي جي ڪميونٽي هيلٿ سائنسز جي شعبي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن لاءِ تماڪ جي خطرن کان آگاهي لاءِ 12 ٿيٽر شوز ڪرايا ويا، جنهن ۾ 11 کان 15 سالن جي عمر جي 4000 کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي، شاگردن کانسواءِ ڪيترن ئي نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۽ ادارن، جن ۾ دي سٽيزن فائونڊيشن، زندگي ٽرسٽ پنهنجي استادن ۽ عملي سان انهن ٿيٽر شوز ۾ پرجوش انداز ۾ شرڪت ڪئي.
اهو ايڪٽ آغا خان يونيورسٽي جي شعبي ڪميونٽي هيلٿ سائنس (سي ايڇ ايس) فيڪلتِ ذريعي ڪيو ويو، جنهن کي نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي فيڪلتي فرحان عالم لکيو ۽ هدايتڪاري ڪئي.
ٿيٽر شوز ڪرائڻ هڪ زبردست ڪاميابي هئي، ڇو ته نوجوان ڏسندڙن سکيو ته تماڪ جو استعمال ڪنهن حد تائين نشي ۽ صحت جي مسئلن جو سبب بڻجي ٿو ۽ کين مستقبل ۾ پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائڻ کان روڪي سگهي ٿو.
هن سرگرمي کي نيشنل انسٽي ٽيوٽ فار هيلٿ اينڊ ڪيئر ريسرچ (اين آءِ ايڇ آر، يو ڪي) برطانيا طرفان هڪ گرانٽ ذريعي سهڪار ڪيو ويو، جنهن جو عنوان هو ”سائوٿ ايشيا، آسٽرا ۾ بنا دونهين جي تماڪ جي استعمال ۽ تحقيقي صلاحيت کي وڌائڻ“، جنهن جي اڳواڻي طب جي شعبي جي پروفيسر جاويد احمد خان ڪري رهيو هو ۽ سندس سهڪار ڊاڪٽر رومينا اقبال، ايسوسي ايٽ پروفيسر ۽ سيڪشن هيڊ، اين سي ڊي ڪميونٽي هيلٿ سائنسز ڪئي.
ٿيٽر شوز ۾ پيش ڪيل ڪهاڻي ٽن بهادر ٻارن جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪي تماڪ وارين شين جي دوکي خلاف بيهن ٿا، هن ڪهاڻي جي مک ڪردار جو مشن پنهنجن گهرن ۽ مجموعي معاشري مان اهڙي هاڃيڪار شين کي ختم ڪرڻ هو.
فيڪلٽي ميمبرن اهو ٻڌائيندي چيو ته تماڪ بابت آگاهي ايڪٽ جو خيال پٺ تي پيل علائقن ۾ ان لاءِ ضروري آهي جو اتي گهڻن گهراڻن ۾ وڏي عمر جي ماڻهن ۾ تماڪ واپرائڻ عام آهي، جتان اها عادت ٻار سکن ٿا، ٻارن کي انهن خطرن بابت آگاهي ضروري آهي ته جيئن هو پاڻ کي تماڪ کان پري رکي سگهن ، پنهنجي گهر ۾ ٻين کي به تحمل کان ڪم وٺڻ جي تلقين ڪري سگهن.
اسڪولن جي انچارج ۽ انتظاميا به آغا خان يونيورسٽي جي ڪميونٽي هيلٿ سائنسز (سي ايڇ ايس) فيڪلٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙي عمل کي اڳتي آڻڻ تي سندن ٻارن کي ڊگهي وقت تائين نقصان جي رستي کان پري رکي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.