زمين ڏانهن ايندڙ خلائي ڇِپن کان بچڻ جو منصوبو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گذريل سال ناسا زمين ڏانهن ايندڙ خلائي ڇِپ جو رستو تبديل ڪرڻ لاءِ ڊارٽ نالي اسپيس ڪرافٽ جو هڪ تجربو ڪيو هو، ۽ هاڻي سائنسدان ان منصوبي جي متبادل طور تي نيوڪليئر بم تي ٻڌل هڪ ٻيو منصوبو تيار ڪري رهيا آهن.
ڪيليفورنيا جي لارنس ليورمور نيشنل ليبارٽري سان واسطو رکندڙ سائنسدانن هڪ سِميوليشن بڻائي جنهن ۾ هنن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪڏهن ناسان اسان کي زمين ڏانهن ايندڙ خلائي ڇِپ کان بچائڻ ۾ ناڪام ٿيو ته ڇا ايٽم بم اسان کي بچائي سگھي ٿو.
ماڊل ۾ ڏيکاريو ويو ته خلائي ڇِپ تي هنيو ويندڙ بم خلائي ڇپ سان ٽڪرائجي ڦاٽي پوي ٿو ۽ سموري توانائي ان ڇپ مان گذري وڃي ٿي.
ان سميوليشن مان ٻه صورتون ٽيم جي مشاهدي ۾ آيون. ائين ڪرڻ سان يا ته بم سياري جو رخ زمين ڏانهن ڦيرائي ڇڏيندو يا وري ان سياري کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ٽوڙي ڇڏيندو ۽ تيزي سان حرڪت ڪندڙ انهن ٽڪرن جو رخ به زمين کان ڦڙي ويندو.
آمريڪي خلائي اداري ناسا 2020ع ۾ خلا ۾ هڪ اسپيس ڪرافٽ سياري ڏانهن موڪليو هو جنهن گذريل سال ڪاميابي سان خلائي ڇِپ کي پنهنجي مدار تان هٽائي ڇڏيو هو. اداري کي مليل ان ڪاميابي کي زمين ڏانهن ايندڙ خلائي ڇِپن جو رخ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت جي طور تي ڏٺو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.