سعودي عرب ۾ ڀارتي جاسوس گرفتار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ڀارتي جاسوس بلاگر کي گرفتارڪيو ويو آهي.
سعودي سيڪيورٽي فورسز بلاگر زهاڪ تنوير کي 18 ڊسمبر تي اسلام مخالف مواد شايع ڪرڻ مملڪت جي مفادن کي نقصان ڏيندڙ سرگرمين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
زهاڪ ڀارتي صحافي آهي جيڪو آر ايس ايس ۽ مودي جي حامي خيالن لاءِ سڃاتو ويندو آهي. زهاڪ پنهنجي سوشل ميڊيا تي غزا ۾ جنگبندي ۽ فلسطين جي آزاد رياست جي وڪالت ڪندڙ مظاهرين تي تنقيد ڪئي هئي.

Saudi authorities arrest Indian blogger - Hum NEWS
مئي 2020ع ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ هڪ هندو شيف، اسٽور ڪيپر ۽ ڪيشيئر کي سوشل ميڊيا تي اسلام مخالف بيان ڏيڻ تي ڪڍيو ويو هو جڏهن ته قطر ۾ ڀارتي سامونڊي فوج جي 8 اڳوڻن آفيسرن کي جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ موت جي سزاٻڌائي وئي هئي.
بحرين جي اسپتال ۾ ڀارتي ڊاڪتر سنيل رائو کي اسلام مخالف بيان ڏيڻ تي نوڪري مان ڪڍيو ويو هو. اپريل 2020ع ۾ ڪويت ۾ هندو انجينيئر کي مسلمانن خلاف سوشل ميڊيا تي ڪمينٽس ڪرڻ سبب نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.