دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ 14 شهيدن ۾ مبينا سالي هٿان ڀيڻ جو مڙس قتل جوابدار توفيق سولنگي ڏنڊا هڻي ڀيڻيوي نويد سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو نوجوان جو لاش سو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي ڀاءُ مقبول سولنگي جو چوڻ آهي ته جوابدارن توفيق سولنگي، مختيار سولنگي، فرزند سولنگي ۽ ٻين ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي گهر ۾ عورتن جي معمولي جهيڙي تان ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي، ايس ايڇ او اي سيڪشن محمود خان پٺاڻ جو چوڻ آهي ته جوابدار فرار ٿي ويا آهن انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون.