استحڪام لاءِ صاف شفاف چونڊون ضروري آهن:سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قيام امن جي لاءِ صاف شفاف چونڊون ضروري آهن. حقيقي عوامي مينڊيٽ کان  سواءِ ڪمزور حڪومت ملڪ جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. ملڪ تاريخ جي هڪ دور تي بيٺو آهي. گذريل 7ڏهاڪن کان عوام کي محروم رکيو ويو آهي. حڪومتي ماڻهن جي دولت ۾ اضافو ٿيندو ويو غريب غريب تر ٿيندو ويو. اهو گڊ گورننس نه هئڻ جو سبب آهي. ان خيالن جو اظهار هن پنهجي حلقي اين اي 6م ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي.سراج الحق چيو ته پوري ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اليڪشن ٿيڻ گهرجي. ۽ اليڪشن اهڙي ٿئي جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجي. اليڪشن ڪميشن حلف جي پاسداري رکندي اليڪشن غير جانبدار ۽ منصفاڻي ڪري. عوام کي وڌيڪ حڪمراني کان وڌيڪ محروم نٿو رکي سگهجي. عوام کان سواءِ ذاتي مفادن سبب ملڪ اڄ 80 هزار ارب جو قرضي ٿي ويو آهي. قومي ادارا خساري جو شڪار آهن عوام کي صحت تعليم جون سهولتون ميسر نه آهن. عدالتن ۾ عام ماڻهو لاءِ انصاف نه آهي. طاقتور طاقتور ٿي ويو آهي ۽ احتساب کان بالا تر ٿي ويا آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي اهڙو نظام چاهي ٿي جو ٻين القوامي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهي. امن ترقي خوشحالي هجي تمام طبقي جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي. جتي قانون ۽ جمهوريت جي بالادستي هجي هڪ اهڙو پاڪستان هجي جتي ڪشمير ۽ فلسطين جو مقدمو مظبوطي سان وڙهي ۽ امت جو حقيقي ترجماني ڪري. هن عوام کي اپيل ڪندي چيو آهي ته 8فيبروري تي تاراجي تي ٽپو هڻي اسلامي فلاحي رياست جو بنياد رکيو وڃي.سراج الحق چيو ته پختونخواه بدامني کان متاثر آهي. مرڪزي صوبي سان ماٽيلي ما۽ جو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ڪيل واعدا پورا نٿا ڪيا وڃن. هڪ هزار ارب ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو. پر انهن علائقن ۾ ڏھ ارب به خرچ نه ڪيو ويو آهي. صوبي جا ماڻهو مايوس آهن غربت بي روزگاري ۽ مهنگائي جو طوفان آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي ڪي پي ڪي سميت پوري ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين. اسان هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهنداسين جيڪو وٺڻ وارو نه پر ڏيڻ وارو هجي. وياج واري معشيت کي ختم ڪيو ويندو. عدالتن ۾ قرآن جو نظام لاڳو ڪنداسين. حقيقي احتساب هوندو وي آئي پي ڪلچر جو خاتمو آڻنداسين. عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.