سنڌ مان 41 هزار غيرقانوني پرڏيهي واپس موڪليا ويا: حارث نواز

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي واري نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته اسمگلنگ شيون ملڪ آڻڻ تي مڪمل پابندي آهي،  ڪچي ۾ آپريشن هلي رهيو آهي، 41 هزار غيرقانوني پرڏيهين کي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو ويو آهي. بلوچستان جي نگران گهرو وزير جان اچڪزئي سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن  چيو ته سنڌ جو بارڊر سيل ڪري ڇڏيو آهي، اسمگلنگ شيون تي اچڻ تي مڪمل پابندي مڙهيل آهي، ڪچي ۾ آپريشن هلي رهيو آهي،  غيرقانوني پرڏيهين 41 هزار پرڏيهين کي عزت احترام سان پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو ويو آهي. گهرو وزير حارث نواز چيو ته اليڪشن جي موقعي تي  حساس پولنگ اسٽيشنن بابت پڻ تياري ڪئي آهي. اسمگلنگ خلاف ڪارروايون ڪيون آهن غير قانوني ڊيزل ۽ پيٽرول اسملنگ خلاف تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته روزاني بنياد تي سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان جو رابطو آهي غير قانوني پرڏيهين کي سٺي طريقي سان واپس موڪليون پيا. هن چيو ته  اسمگلنگ جي حوالي سان به سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت جو پاڻ ۾ سهڪار آهي. سامونڊي رستن لاءِ به ڪوشش ڪيون پيا ته اتان اسمگلنگ بند ٿئي، دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن ،جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان ۾ شر پسندن هٿان بي ڏوهي ماڻهو ماريا پيا وڃن. دهشتگردن جي لاءِ همدردي قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته  پاڪستان ۾ ادارن جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ان کي برداشت نه ڪيو ويندو. حارث نواز ٻڌايو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گهرفتاري لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن، جان اچڪزئي چيو ته 30  جنوري تائين 10 لک افغانين کي نيڪالي ڏني ويندي، هن چيو ته بلوچستان ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سخت فيصلا ڪري رستن کي سيل ڪيو ويو آهي، ايراني تيل جي سپلائي تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سامونڊي رستن ذريعي به  اسمگلنگ شين کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت ڪونه ڏينداسين، هن چيو ته  چمن ۾ سرڪار بيروزگار نوجوانن کي وظيفا ڏنا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.