ڪراچي(ذوالفقار راڄپر)وفاقي حڪومت طرفان ڪراچي ۾ صنعتن جي بحالي ۽ ترقي لاءِ اسٽيل مل جي 1500 ايڪڙ زمين سي پيڪ پروگرام جي ترقي لاءِ چين جي حوالي ڪرڻ ۽ ان وسيلي 10 لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . اها ڳالهه ڪالهه وزيراعلي هائوس ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ وفاقي وزير واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاري بورڊ گوهر اعجاز خان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ۽ اجلاس دوران وفاقي وزير سنڌ حڪومت کي آگاهي ڏيندي ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ وڌيڪ صنعتي پارڪ قائم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وفاقي سيڪريٽري ڪامرس صالح فاروقي، وفاقي سيڪريٽري ڪامرس، صنعت ۽ سيڙپڪاري بورڊ سهيل راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڳالهائيندي چيو ته صنعتڪاري ئي معيشت جي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو واحد حل آهي ۽ يقينن ان سان ئي خوشحالي ۽ ترقي جا نوان رستا کلندا آهن..وفاقي وزير، وڏي وزير کي ٻڌايو ته صنعتي پارڪ لاءِ اسٽيل مل جي 1500 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ترقي سي پيڪ تحت چيني اختيارين کي ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت صنعتي يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ ان کي چيني اختيارين حوالي ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو آهي. وڏي وزير وفاقي وزير کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جي ڊولپمينٽ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسٽيل ملز ۾ هڪ ٻيو صنعتي پارڪ قائم ڪرڻ هڪ بهترين قدم هوندو.