اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ انهن جي گهراورين کي ملڪ جي ايئرپورٽن تي تلاشي کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد برگيڊيئر عرفان رامي سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي برطرف ڪيل جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي سان سندس گهر وڃي ملاقات ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ناليواري وي لاگر اسد علي طور چيو آهي ته اها دلچسپ ڳالهه آهي ته جنرل فيض حميد ان ڪيس ۾ جنرل باجوا جو نالو هٽائي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل نويد مختار جو نالو ڏنو آهي ته هن جي چوڻ تي جسٽس شوڪت صديقي سان ملاقات ڪئي هئي، جنرل نويد مختار ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جي سيڻ ميان منير جو ڀاءُ آهي، 2017ع ۾ جڏهن پوليٽيڪل انجنيئرنگ ٿي رهي هئي تڏهن نويد مختار آءِ ايس آءِ جو سربراهه هو، تنهن ڪري هن تڏهوڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪري چيو ته منهنجي پوسٽنگ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪريو ته مان پنهنجي خاندان ۾ منهن ڏيکارڻ جي لائق رهان، باجوا کيس چيو ته توهان آءِ ايس آءِ سربراهه ئي رهندو توهان رڳو پرڏيهي پاليسي کي ڏسندا، باقي ملڪ جا اندريان معاملا ۽ سياست،ايندڙ اليڪشن ڊي جي سي ميجر جنرل فيض حميد هينڊل ڪري رهيو آهي توهان ان کي اهو ڪرڻ ڏيو، هن چيو ته جنرل فيض حميد جنرل نويد مختار جو نالو کڻي ن ليگ تي وار ڪيو آهي ته مان جنرل باجوا نه توهان جي مائٽ نويد مختار کي ڦاسائيندس،جنرل فيض اها گيم کيڏي رهيو آهي،ذريعا ٻڌائن ٿا ته برگيڊيئر عرفان رامي رٽائر ناهي ٿيو هن جو پروموشن ٿي ويو آهي هو ملٽري انٽيليجنس ۾ ميجر جنرل طور بلوچستان ۾ ڪٿي مقرر آهي،جنرل فيض حميد شوڪت عزيز سان ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف کي سزا ڏيارڻ لاءِ ملاقات ڪئي هئي، هن کيس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ سندس خلاف ريفرنس ختم ڪرڻ جي به آڇ ڪئي،شوڪت عزيز صديقي انڪار ڪري ڇڏيو، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجڻ واري فيض حميد جي آڇ به ٿڏي ڇڏي هئي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حوالي سان ايوي ايشن جي سيڪريٽري جو خط منظرعام تي آيو جنهن ۾ هن اي ايس ايف ۽ ايئرپورٽ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي لکيل ليٽر جي روشني ۾ هدايت ڏيان ٿو ته سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ انهن جي گهروارين جي جامع تلاشي نه ٿيندي،سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جا جج ۽ سندن خاندان وي آءِ پي لائونج مان سفر ڪندا آهن،وي آءِ پي لائونج ۾ ته هونئن ئي ماڻهو ايترا نه هوندا آهن، انهن جي عام شهرين وانگر بورڊنگ به نه ٿيندي آهي، پروٽوڪول ۾ کين جهاز تائين پهچايو ويندو آهي ،اهڙي ڪهڙي ضرورت پئجي وئي ته انهن محسوس ڪيو ته اسان ججن ۽ گهروارين سان ”ڪچرا پاڪستانين“ وانگر سلوڪ نه ٿيندو، حالانڪه آرٽيڪل 25 ۾ آهي ته ملڪ جا سمورا شهري برابر آهن، جج ڇا برابر کان وڌيڪ ”برابر“ آهن، انهن جون گهرواريون ڇا مٿان کان لٿل آهن،سپريم ڪورٽ پاران اهو خط 21 سيپٽمبر تي لکيو ويو هو ، چيف جسٽس قاضي فائز عيسي 17 سيپٽمبر تي حلف کنيو هو، پهريون خط ئي وي آءِ پي سيڪيورٽي طور گهريو ويو، هاڻي اسان قاضي فائز عيسيٰ جي دور ۾ اهو ڏسي رهيا آهيون، هن وقت چيف جسٽس ترڪيه ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي، اسان جا جج ٻڌائيندا ته اهي اهڙو ڇا ملڪ مان کڻي ويندا آهن يا ملڪ ۾ ڇا کڻي ايندا آهن جو تلاشي کان ڇوٽ پيا گهرن، کين ٻاهرين ملڪ جي ايئرپورٽن تي ته جامع تلاشي ڏيڻي هوندي آهي،