ڪراچي ۾ ٽينڪر گهر اندر ڪاهي پيو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي بلديا ٽائون ۾ واقع گلشن غازي بلاڪ ڊي ڀرسان تيز رفتار ٽينڪر گھر اندر گهڙي ويو، حادثي جي نتيجي ۾  ننڊ ستل شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته  معصوم ٻارڙي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو عملدار واقعي واري هنڌ پهتا،  فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 40 ورهين جي عامر ولد توفيق طور ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ فوتي جو ڀاءُ 45 ورهين جو نصير حسين ولد توفيق سندس ٻن سالن جي ڌي مناھل ۽ 13 ورهين جي ڌيءُ راحيلا شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته  ڊرائيور ٽينڪر بيھارڻ لاءِ ھيٺان سيمنٽ جو بلاڪ رکيو ھو. پاڻي خالي ڪرڻ دوران رکيل بلاڪ ٽٽي ويو ۽ ٽينڪر گھر اندر داخل ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.