آمريڪي هٿيار پاڪستان ۾ ڪيئن استعمال ٿيا: ثبوت سامهون اچي ويا

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان  ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ افغانستان مان اسمگل ڪيل پرڏيهي هٿيارن جي استعمال جا ثبوت سامهون اچي ويا،  هڪ نجي ويب سائيٽ موجب 12 جولاءِ 2023 تي زوب گيريزن تي حملي ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي طرفان آمريڪي هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته 6 سيپٽمبر 2023 تي جديد ترين آمريڪي هٿيارن سان ليس ٽي ٽي پي دهشتگردن چترال ۾ 2 فوجي چيڪ پوسٽن تي حملو ڪيو، 4 نومبر تي ميانوالي ايئر بيس تي ٿيندڙ حملي ۾ دهشتگردنوٽان برآمد ٿيل هٿيار پرڏيهي ساخت جا هئا، هٿيارن ۾ آر پي جي 7، اي ڪي 74، ايم فو ۽ ايم 16 اي فو به شامل آهن، 12 ڊسمبر تي ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگرد حملي ۾ به نائٽ وزن گوگلز ۽ آمريڪي رائفلز جو استعمال ڪيو ويو، 15 ڊسمبر تي ٽانڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي واقعي ۾ دهشتگردن وٽان جديد آمريڪي هٿيار ڏٺا  ويا، 13 ڊسمبر تي افغانستان مان پاڪستان ايندڙ گاڏي جي بصرن جي ٻورين مان جديدد آمريڪي هٿيار برآمد ٿيا، بلوچ لبريشن آرمي انهن هٿيارن سان فيبروري 2022 ۾ نوشڪي ۽ پنجگور ۾ ايف سي جي ڪيمپن تي حملا ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.