لاهور (م ڊ) لاهور ۾ هڪ شخص فائرنگ ڪري اڳوڻي زال، سُهري، سَالي ۽ ساليءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، لاهور جي علائقي باغبان پوره ۾ هڪ شخص فائرنگ ڪري اڳوڻي زال، سُهري، سَالي ۽ ساليءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مقتوله ناري ڪرن ٻه سال اڳ پنهنجي مڙس وسيم کان خلع ورتي هئي، جوابدار وسيم شادي جي تقريب تان واپس موٽندڙن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، پوليس عملدارن موجب وسيم جي فائرنگ ۾ ڪار تي ويندڙ سندس اڳوڻي زال، سُهرو، سالو ۽ سالي قتل ٿي ويا، گوليون لڳڻ سبب جوابدار جي ڌيءَ ۽ ٻه عورتون به زخمي ٿي پيون، آءِ جي پنجاب عثمان انور واقعي جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.