ڪير اوهان کي آڻي ۽ اوهان ان جي نه ٻڌو ته نتيجو سامهون آهي: پرويز خٽڪ

ڪراچي (م ڊ) ڪير اوهان کي آڻي ۽ اوهان ان جي نه ٻڌو ته نتيجو پي ٽي آءِ جي صورت ۾ اوهان جي سامهون آهي، پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جي  سربراهه پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان هٺ ڌرمي ڪندو هو ۽ ڪنهن جي نه ٻڌندو هو ۽ صرف پنهنجي هلائيندو هو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته اوهان سڄو وقت ڪنهن کان پنهنجي خدمت نٿا ڪرائي سگهو، ڪجهه ٻڌڻو به پوندو آهي، فيصلا هڪطرفه ناهن ٿيندا پر خان صاحب پنهنجي مرضي ڪندو هو ۽ ڪنهن راءِ نه وٺندو هو، هن چيو ته جنرل رٽائرڊ فيض سان گڏ پي ٽي آءِ باني جا سٺا لاڳاپا هئا، هو جنرل فيض کي سپورٽ ڪندو هو ۽ ان جي مدد به ڪندو هو، هن چيو ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان به ايئن ئي ڪندو هو پر ڪير اوهان کي آڻي ۽ اوهان ان جي نه ٻڌو ته نتيجو اوهان جي سامهون آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.