پاڪ ڪالوني ۾ منشيات فروشيءَ جي الزام ۾ 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پاڪ ڪالوني پوليس ڳجهي اطلاع تي شيطان چؤڪ پُراڻي گوليمار ۾ ڪارروائي ڪندي  منشيات فروشيءَ جي الزام ۾ 2 مبينه جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 1050 گرام چرس هٿ ڪري ورتو. ڪالهه جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق گرفتار جوابدارن ۾ فيضان ۽ عمير شامل آهن. پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي ۾ ڪتابي ميلي ۾ آگاهي ڏيڻ لاءِ فلسطين بورڊ گيم متعارف

ڪراچي ( رپورٽر  ) دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻارڙن ۾ فلسطين بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ فلسطين بورڊ گيم متعارف  ڪرايو ويو. ايڪسپو سينٽر ۾ جاري 18هين ڪراچي انٽرنيشنل ڪتاب ميلي ۾ فلسطين ۾ شهرن جي نالن ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ مختلف دورن ۾ ٿيندڙ جنگين وارن هنڌن بابت فلسطين بورڊ گيم متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ شهرين ۽ شاگردن خاص دلچسپي ظاهر ڪئي. بورڊ گيم ۾ فلسطين جي سرزمين ۾ مدفن 13 نبين مان ڪو به شخص 14 نبين  جي مدفن واري هنڌ کي پار ڪري ته هو بيت المقدس ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. هي دلچسپ گيم شهرين جي دلچسپيءَ جو مرڪز رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.