ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي آفيسرن ۽ بلڊرز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناظم آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جج ايس بي سي اي آفيسرن ۽ وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته بلڊرز، مافيا ۽ ايس بي سي اي جو ڳٺ جوڙ آهي، ايس بي سي اي جي نااهلي سبب شهر ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻجي ويو آهي، ايس بي سي اي سنڌ صوبي جو ڪرپٽ ادارو بڻجي چڪو آهي. عدالت چيو ته ايس بي سي اي جا ماڻهو پاڻ نه ٿا چاهين ته غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، شهر ۾ پهرين غيرقانوني اڏاوتون ٿيڻ ڏنيون وڃن ٿيون، پوءِ جڏهن ڊاهڻ جو وارو اچي ٿو ته هٿ مٿي ڪري ڇڏين ٿا. عدالت ناظم آباد سي ون ۾ غيرقانوني فلور ڊاهڻ تي بلڊر ۽ ايس بي سي اي آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 15 جنوري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.