ڏوڪري/باڊھه (رپورٽ: مجاھد آفتاف/نظام ڪولاچي) باڊھه ڀرسان ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ چڪرو واسي 26 ورهين جو نوجوان آندل خان گاڏهي پٽ علي نواز گاڏهي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي، ڌاڙيلن پاران وارثن کان مغوي جي آزادي لاءِ هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آهي. مغوي جي وارثن فتح پور ٿاڻي تي اغوا جو اطلاع ڏنو آهي. مغوي جي ڀاءُ گلاب گاڏھي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀاءُ گهر ڪم جو چئي نڪتو، وٽس هڪ لک رپيا کيسي ۾ موجود هئا. هن وڌيڪ چيو ته ڀاءُ ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيو آهي ۽ ڌاڙيلن سندس بازيابي لاءِ هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آھي. هن آءِ جي سنڌ، توڙي ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڀاءُ کي ترت بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، هوڏانهن فتح پور پوليس جو چوڻ ھو ته اغوا ٿيل نوجوان آندل گاڏهي جي فون جي آخري لوڪيشن ڪنڌ ڪوٽ ۾ملي آھي. پوليس چيو ته وارثن اطلاع ڏنو آھي، جاچ ڪيون پيا.