اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي چونڊ شيڊول جو اعلان ٿيڻ بعد سياسي سرگرميون تيز ٿينديون نظر اچي رهيون آهن ۽ چونڊن جي انتظار ۾ ويٺل سياستدان فيصلا ڪري رهيا آهن، صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته اڳوڻي پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر اسلام آباد مان آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته شاهد خاقان عباسي بابت اطلاع آهن ته هو ٻن ٽن ڏينهن ۾ ن ليگ ڇڏڻ جو باضابطا اعلان ڪرڻ وارو آهي، اهڙي طرح همايون اختر استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي چڪو آهي، اطلاع آهن ته ايڊووڪيٽ لطيف کوسو به اڄ پريس ڪانفرنس ڪري باضابطا پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو، اهڙي طرح چونڊ سرگرمين ۾ به تيزي اچڻ جو امڪان آهي