لاهور (عوامي آواز نيوز)برطانيا ۾ پنهنجي امڙ جمائما سان رهندڙ عمران خان جا پٽ قاسم ۽ سلمان خان پنهنجي والد جو ڪيس وڙهڻ لاءِ 10 نامور وڪيلن جي ٽيم سان پاڪستان پهچندا، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش ناڪام ٿيڻ بعد هاڻي گولڊ اسمٿ خاندان سرگرم ٿي ويو آهي، ڇو ته هاڻي کين پڪ ٿي وئي آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون ۽ چونڊن ۾ عمران خان حصو نه وٺي سگهندو، ميڊيا ذريعي اطلاع اچي رهيا آهن ته عمران خان جا پٽ پاڻ سان نامور وڪيلن جي ٽيم ۽ 50 سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا نمائندا ساڻ ڪري پاڪستان پهچندا، جنهن جو مطلب آهي ته چونڊن کي عالمي سطح تي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ اها واويلا ڪئي ويندي ته اهم سياسي اڳواڻ کي چونڊن کان پري رکي قيد ڪري من پسند پارٽين کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪري اقتدار ڏنو پيو وڃي اهڙين چونڊن کي غير جانبدار ۽ شفاف قرار نٿو ڏئي سگهجي، پي ٽي آءِ هاڻي کان ئي سوشل ميڊيا تي اهڙي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد ملڪ کي دنيا ۾ بدنام ڪرڻ ۽ معاشي طور ڪمزور ڪرڻ آهي، ڏسڻو آهي ته پي ٽي آءِ ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿي ۽ ملڪ جون سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ ان سازش کي ڪيئن ناڪام بڻائين ٿيون.