اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن ۾ اي سي پي جي توهين وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ باني ۽ فواد چوڌري ڪيس جي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي.